ملڪ پنهنجي دور جي ڏکين ۽ تمام مشڪل معاشي ۽ سياسي ۽ دهشت گردي وارين ڳڻتي جوڳي حالتن ۾ ڦاٿل آهي ۽ هن وقت ملڪ جي جياپي ۽ بحالي وارا معاملا اڀري مٿي اچي ويا آهن. اچرج واري ڳالهه آهي ته اسانجو ملڪ دنيا جون سموريون نعمتون حاصل هوندي به تمام وڏي غربت، بيروزگاري، مهانگائي ۽ بدحالي وارن حالتن جو شڪار آهي. ملڪ جو جمهوري ۽ سياسي سرشتو پڻ خزانا خالي هئڻ ۽ انتظامي بدحالي ڪري گوڏا کوڙڻ واري حالت ۾ پهچڻ ڪري ناڪام ٿيڻ طرف وڃي رهيو آهي. ملڪ ۽ عوام جون حالتون ڏينهون ڏينهن خراب کان خراب ٿي رهيون آهن قرضن مٿان قرض ۽ مختلف قسمن جا بحران وڌي رهيا آهن پر مشڪلاتن ۽ امتحانن مان پرامن ۽ مانائتي طريقي سان نڪرڻ ۽ اڪري پار پوڻ جون راهون ۽ رستا هٿ نه اچي رهيا آهن. عالمي ميڊيا جي مختلف ادارن پاڪستان جي معيشت جي خراب صورتحال ۽ پيش ڏکيائين تي خطري واريون ڳاڙهيون بتيون ٻاري ڇڏيون آهن.. برطانيا جي فنانشل ٽائمز ۾ شائع ٿيل رپورٽن موجب ته پاڪستان تباهي جي ڪنڌي تي آهي، ايٽمي طاقت ۽ ان کي قرض ڏيندڙ ڊيفالٽ کان بچڻ لاءِ سخت قدم کڻي رهيا آهن، مُلڪي ناڻو ۽ رپيا پنهنجو قدر ۽ قيمت تيزي سان وڃائي پٽ پئجي رهيا آهن.
ملڪ جي سياست ۾ وڏي پيماني تي تبديلين ۽ نون انتظامن ۽ بندوبست ڪرڻ وارا سلسلا جاري آهن، وقت تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. ملڪ کي تباهي جو شڪار ڪندڙ اڳوڻي حڪومت جي پيدا ڪيل حالتن ۽ تباهه ڪارين مان ٻاهر ڪڍڻ ۽ بحالي لاءِ عقل، علم ۽ گڏيل ڏاهپ موجب قدم کڻڻ کانسواءِ ملڪ جي معيشيت کي وڪوڙيل باهه ۽ خراب معاشي حالتن مان ٻاهر ڪڍڻ يقينن، ممڪن ناهي. تازين خبرن موجب، اتحادي حڪومت ۾شامل جماعتن پاڪستان مسلم ليگ ن، پيپلز پارٽي ۽ جمعيت علماءَ اسلام جي اعليٰ قيادت جي گڏجاڻي وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ملڪ ۾پيدا ٿيل سياسي طوفان ۽ هنگاما گذري وڃڻ بعد ملڪ کي لاڳو حالتن ۾ حڪومتي ڌرين طرفان پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪرڻ ۽ گڏيل سمجهه موجب قدم کڻڻ لاءِ رٿابندي ڪرڻ گهربل قدم کڻڻ لاءِ ڪيترائي ضروري فيصلا ڪيا ويا آهن. خبرن موجب، عالمي مالياتي فنڊ جي مطالبي تي پاڪستان طرفان ترقياتي بجيٽ تي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ جي ڪٽوتي جي تياري ڪئي پئي وڃي، جنهن تحت ترقياتي بجيٽ 727 بدران 400 ارب رپين تائين، جڏهن ته غير ترقياتي خرچن ۾ به وڏي گهٽتائي آندي ويندي.
هوڏانهن پاڪستان کي قرض جون وڌيڪ قسطون حاصل ڪرڻ لاءِ آءِ ايم ايف نوان مطالبا سامهون رکي ڇڏيا آهن ۽ اهي شرطون ۽ پابنديون وڻ ويڙهي وانگر تيزي سان ملڪ کي وڪوڙي رهيون آهن.آءِ ايم ايف جي وڌيڪ نون مطالبن ۾ چيو ويو آهي ته 17هين گريڊ يا ان کان مٿي جي آفيسرن ۽ انهن جي گهر وارن جا اثاثا ڊڪليئر ڪيا وڃن.ذريعن موجب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اثاثن تائين پهچ لاءِ گائيڊ لائنز جاري ڪيون وينديون، اسٽيٽ بئنڪ، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ۽ ايف بي آر گڏجي ڪم ڪندا.ٽيڪنيڪي ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ 100 سيڪڙو بلن جي وصولي ۾ ناڪامي تي ناپسنديدگي جو اظهار ڪيوويو آهي.
ملڪ سان لڳاتار ٿيندڙ حادثن بعد هن وقت جيڪو بحالي وارو سلسلو جاري ٿيو آهي تنهن موجب، اسان جي نظر ۾ هن اتحادي حڪومت مان ملڪ جي جياپي لاءِ ڪجهه بنيادي ۽ ايمرجنسي قدم کڻڻ واريون اميدون رکي سگهجن ٿيون. جنهن ۾ ايندڙ سال ملڪ ۾آدمشماري جو رڪارڊ درست ڪرڻ، وفاق ۽ صوبن ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ڪرڻ، جمهوري ۽ پارلياماني سرشتي کي فعال ڪرڻ ۽ ايندڙ سال ٿيندڙ نئين چونڊن لاءِ رٿابندي ۽ قانونسازي ڪرڻ سان گڏوگڏ نيون تڪبنديون مڪمل ڪرڻ ئي آهي. جنهن سان ملڪ جو سياسي ۽ پارلياماني سرشتو اڳتي هلي بحال ۽ فعال ٿي سگهي ٿو. اتحادي حڪومت ۽ رياستي ادارن ۾ وڌندڙ ويجهڙائپ ۽ سهڪاري اپائن ۽ ڪارروائين جي معنيٰ اها پڻ چئي سگهجي ٿي ته، حڪومت ۽ رياستي ادارا هن وقت يڪجا ٿي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ اتحادي حڪومت جي صلاحيتن مان وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪرڻ ۽ بيشمار بحرانن جي شڪار ملڪ جا ساهه بحال ڪرڻ ۽ ملڪ جي سرشتي ۽ نظام کي وري پٽڙيءَ تي چاڙهڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي ته يقينن اها خوشي واري ڳالهه آهي،
ملڪ لاءِ مختلف پاسن کان اڻوڻندڙ خبرن واري صورتحال ۾صرف پرڏيهي کاتي ۾ ڪجهه وڻندڙ ۽ حوصلي ۽ همت افزائي واريون خبرون ۽ اڳڀرائي نظر اچي رهي آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ماسڪو دوري دوران روس طرفان پاڪستان کي پنهنجيون توانائي واريون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي ويئي آهي روس جي دوري بعدبلاول ڀٽو آمريڪا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ پڻ ملڪ جي بهتري ۽ مفادن لاءِ ڪاوشون ڏسي يقينن روح کي راحت ۽ دل کي سڪون محسوس ٿي رهيو آهي ته، پاڪستان پيپلز پارٽي جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو کي پنهنجي ناني اڳوڻي وزير اعظم قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو، پنهنجي والدهه محترمه بينظير ڀٽو شهيد ۽ سندس والد اڳوڻي صدر مملڪت آصف علي زرداري جي دنيا سان پيدا ڪيل لاڳاپن ۽ سفارتڪاري جا يقينن گهڻا فائدا ۽ ڪاميابيون ملي رهيون آهن. اميد ڪري سگهجي ٿي ته ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊن ۾ عوام جي ووٽن سان حقيقي عوامي جماعتون ۽ حڪومتون قائم ٿينديون جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ کي هر قسم جي سياسي ۽ معاشي بحران مان ٻاهر ڪڍڻ، جمهوريت جي مضبوطي ۽ ملڪ ۽ قوم جي جياپي جا رستا ٺاهڻ ۾ مدد ۽ وڌ ۾ وڌ ڪاميابيون ملي سگهنديون.