ملٽي نيشنل بحري مشق امن 10 کان 14 فيبروري تائين ڪراچي ۾ ٿيندي

ڪراچي (پ ر) اٺين ملٽي نيشنل بحري مشق امن جي ميڊيا بريفنگ ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪمانڊر پاڪستان فليٽ وائيس ايڊمرل اويس احمد بلگرامي ميڊيا کي بريفنگ ڏني.

پاڪ بحريه جي ترجمان موجب ملٽي نيشنل بحري مشق امن 10 کان 14 فيبروري تائين ڪراچي ۾ منعقد ٿيندي.

ڪمانڊر پاڪستان فليٽ وائيس ايڊمرل اويس احمد بلگرامي موجب بحري مشق امن ۾ 50 کان وڌيڪ ملڪن جي بحري فوج شرڪت ڪري رهي آهي.

ڪمانڊر پاڪستان فليٽ چيو ته پاڪ بحريه 2007 کان امن مشقون ڪرائي رهي آهي، ملٽي نيشنل بحري خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ميري ٽائم سيڪيورٽي انتهائي اهم آهي.

هن چيو ته ملٽي نيشنل بحري مشق امن ۾ ڄاڻ جي ڏي وٺ سان گڏيل سامونڊي مفادن جي تحفظ کي هٿي ملندي.

پاڪ نيوي جي ترجمان موجب ڪمانڊر پاڪستان فليٽ ترڪيا ۽ شام ۾ زلزلي سبب ٿيل تباهي ۽ فوتگين تي تعزيت جو اظهار به ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.