اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برساتن ۽ برفباري جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سڀاڻي خميس کان ملڪ ۾ برساتون ۽ جبلن تي برفباري شروع ٿيندي، اتر بلوچستان، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي.
ميٽ آفيس موجب اسلام آباد، سينٽرل ۽ اپر پنجاب ۾ کنوڻ سان برسات ۽ ڳڙي جو امڪان آهي، جڏهن ته مري ۽ گليات ۾ ڪجهه هنڌن تي وچولي کان سخت برفباري ۽ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته خيبر پختونخواهه جي ڪيترن ئي علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ جهڙالي رهندي، جڏهن ته سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ موسم خشڪ رهندي.