ڪهڙين حالتن ۾ کير صفا نه پيئڻ گهرجي؟

اسان ننڍي هوندي کان ٻڌندا آيا آهيون ته کير انساني صحت لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهي ۽ کير هر بيماريءَ لاءِ علاج جي طور تي تجويز ڪيو ويندو آهي.

کڻي اها ڪمزوري هجي يا معدي جو ساڙو يا هڏن جو سور هر صورت ۾ کير پيئڻ لاءِ چيو ويندو آهي.

پر هاڻ جديد تحقيق موجب ڪي بيماريون ۽ انهن جون نشانيون آهن، جن جون علامتون ظاهر ٿيڻ سان ئي کير پيئڻ کي روڪڻ گهرجي، نه ته اهو وڏو نقصان پهچائي سگهي ٿو.

1: بدهضمي جي صورت ۾:

بدهضمي جي حالت ۾، جڏهن ڪنهن شخص کي الٽي جي تڪليف ٿئي ٿي ته کير جو استعمال حالت کي خراب ڪري سگهي ٿو – تنهنڪري بدهضمي جي صورت ۾ کير ۽ ان جي ٺهيل شين کان بچڻ گهرجي.

2: ڪوليسٽرول جي صورت ۾

کير ۾ ڪلشيم سان گڏ چربی جام هوندي آهي.جيڪڏهن جسم ۾ ڪوليسٽرول جي سطح وڌيڪ هجي ته کير پيئڻ سان ان ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو- دل جي بيمارين ۽ هاءِ بلڊ پريشر جو خطرو وڌي سگهي ٿو- ان ڪري هن حالت ۾ کير جي استعمال کان پاسو ڪيو وڃي.

3: موهيڙن جي صورت ۾

جيڪڏهن چمڙي تمام گهڻي تيل واري آهي ۽ ان سبب منهن تي داڻا نڪرندا آهن ته ان صورت ۾ کير جو استعمال تيزابيت جو سبب بڻجي سگهي ٿو، ان لاءِ کير جي استعمال ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي.

4: زخم جي انفيڪشن جي صورت ۾

جيڪڏهن ڪنهن سبب جي زخم ۾ جراثيم اچي وڃي ۽ بوڻيو بڻجي وڃي ته کير جي استعمال سان زخم ۾ وڌيڪ بوڻيا ٺهي سگهن ٿا ان ڪري اهڙين حالتن ۾ کير جو استعمال ان وقت تائين نه ڪيو ويندو آهي، جيستائين زخم ٺيڪ نه ٿئي، احتياطي اپاءَ ورتا وڃن.

5: ٽائپ ون شگر جي صورت ۾

کير ۾ هڪ شگر ليڪٽوز شامل آهي جيڪا رت ۾ شگر جي سطح وڌڻ جو سبب بڻجي ٿي – ان ڪري ٽائپ 1 شگر وارن ماڻهن کي کير پيئڻ وقت احتياط ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهو انهن جي رت ۾ شگر جي سطح کي وڌائي سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.