ترڪيه ۽ شام ۾ هرطرف تباهي جا منظر، ڪيئي ملڪن امدادي ٽيمون روانيون ڪري ڇڏيون

انقرا ( ويب ڊيسڪ ) ترڪيه ۽ شام ۾ تباهي مچائيندڙ زلزلي کانپوءِ  عالمي برادري پاران ٻنهي مُلڪن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ امدادي ٽيمن جي آڇ ڪئي آهي جڏهن ته ڪيئي ملڪن امدادي سرگرمين ۾ شرڪت لاءِ ريسڪيو ٽيمون روانيون ڪري ڇڏيون آهن.

ترڪيه ۽ شام ۾ شديد زلزلو آيو آهي ۽ ست ڏهائي نوَ جي شدت سان آيل زلزلي جي نتيجي ۾ ڪيئي عمارتون ڊهي پٽ پئجي ويون آهن جنهن سبب مجموعي طور تي فوتين جو انگ 1600 کان ٽپي ويو آهي جڏهن ته  هزارين ماڻهون زخمي ۽ گم آهن.

ترڪيه ۾ تباهي مچائيندڙ زلزلي کانپوءِ عالمي برادري يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ آمريڪا پاران ترڪيه ۾ هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي.

انکانسواءِ فرانس، يوڪرين ۽ اسرائيل به امدادي سرگرمين ۾ مدد جي آڇ ڪئي آهي، آذربائيجان، نيڌرلينڊز ۽ رومانيا مان ريسڪيون ٽيمون ترڪيه ۽ شام جي متاثر علائقن ۾ پهچي رهيون آهن جيڪي فوري طور تي امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺنديون.

يورپين ڪميشن موجب ترڪيه ۾ زلزلي کانپوءِ بلغاريه، ڪروشيا، فرانس، يونان، هنگري، پولينڊ سميت ڪيئي ملڪن اربن سرچ اينڊر ريسڪيو ٽيمن کي فوري تياري جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٽيمون جلد متاثر علائقن ۾ امداد ڪارروائين ۾ شريڪ ٿينديون.

يورپين پارليامنٽ جي صدر جو چوڻ آهي ته يورپ ڏکئي  وقت ۾ ترڪيه ۽ شام سان گڏ بيٺو آهي.

ٻئي پاسي ترڪيه ۾ شهري به زلزلي متاثرن علائقن ۾ امدادي ڪمن ۾ رضاڪاراڻي طور تي حصو وٺڻ لاءِ مختلف شهرن کان پهچي رهيا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.