اسلام آباد ۾ ناري سان زيادتي وارو مامرو، سي آءِ اي جو شڪي ماڻهن خلاف ڪريڪ ڊائون

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي ايف نائين پارڪ ۾ ناري سان زيادتي جي جاچ جي سلسلي ۾ سي آءِ اي طرفان شڪي ماڻهن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي.

هنيئر تائين سئو کان وڌيڪ شڪي ماڻهن جي متاثر ناري کان سڃاڻپ ڪرائي وئي آهي، پر اڃا تائين جوابدارن جي سڃاڻپ وارو عمل مڪمل ناهي ٿي سگهيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار هٿياربند هئا، شڪ آهي ته سندس تعلق ڪنهن ڊڪيٽ گينگ سان هو، جوابدار واردات کانپوءِ ايف نائين پارڪ جي ڪنهن به گيٽ کان ٻاهر نه نڪتا.

پوليس موجب جوابدار ايف نائين پارڪ جي ڪنهن ڪيمرا ۾ نظر نه آيا، ايف نائين پارڪ ۾ ڪم ڪندڙ سمورن ماڻهن کان پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي، سيف سٽي ڪيمرائن ذريعي جوابدارن تائين پهچڻ جي ڪوشش جاري آهي.

ٻئي پاسي اسلام آباد پوليس شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو شام جي وقت ايف نائين پارڪ ۾ روشني وارن هنڌن تائين محدود رهن.

ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ اسلام آباد جي ايف نائين پارڪ ۾ ميان چنو سان واسطون رکندڙ ناري کي مبينا زيادتي جو نشانو بڻايو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.