ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) انٽر بئنڪ مٽاسٽا مارڪيٽ ۾ ڪاروباري ڏينهن دوران ڊالر ڪيئي لاهن چاڙهن کانپوءِ نيٺ هڪ رُپيو 28 پئسا سستو ٿي ويو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو مُلهه هڪ رُپيو 28 پئسا لاٿ بعد 275 رُپيا 30 پئسا رهيو.

هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ هڪ موقعي تي ڊالر چار رُپيا لاٿ کانپوءِ 279 رُپين جو ٿي ويو پر ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو مُلهه 283 رُپيا برقرار رهيو.