ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر جنرل ( ر ) پرويز مشرف جي جنازي نماز ۽ تدفين ڪراچي ۾ ٿيندي.
اڳوڻي صدر جو مڙهه دبئي کان اڄ شام خاص جهاز ذريعي ڪراچي روانو ڪيو ويندو، خاص جهاز ۾ اڳوڻي صدر جي گهرواري صهبا مشرف، پٽ بلال مشرف ۽ نياڻي به پاڪستان ايندي.
ذريعن موجب اڳوڻي صدر جي جنازي نماز سڀاڻي منجهند هڪ لڳي 45 منٽن تي پولو گرائونڊ ملير ڪينٽ ڪراچي ۾ ادا ڪئي ويندي.
ٻئي پاسي پرويز مشرف جي ڪراچي ۾ تدفين لاءِ انتظام شروع ڪيا ويا آهن ۽ فوجي قبرستان ۾ تدفين لاءِ قبر تيار ڪئي پئي وڃي، ڪنٽومنٽ بورڊ جي عملي کي اڄ صبح اڳوڻي صدر جي قبر جي تياري جا حڪم ڏنا ويا هئا.
فوجي قبرستان جي ڀرپاسي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا آهن، قبرستان جي سيڪيورٽي جا انتظام رينجرز سنڀالي ورتا آهن.
ياد رهي ته پرويز مشرف جو لاڏاڻو اڄ آچر جي ڏينهن دبئي ۾ ٿيو جنهن جي تصديق سندس خاندان ڪئي آهي،هو ڊگهي عرصي کان دبئي جي آمريڪن اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.