اسامه ستي قتل ڪيس ۾ ٻن پوليس اهلڪارن کي موت جي سزا ۽ ٽن کي جنم ٽيپ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي مقامي عدالت اي ٽي سي پوليس جي اهلڪارن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان اساما ستي قتل ڪيس ۾ ٻن جوابدار کي موت ۽ ٽن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ۾ ايڊيشنل سيشن جج زيبا چوڌري اسامه ستي ڪيس جو محفوظ فيصلو ٻڌايو.

عدالت اسامه ستي قتل ڪيس جي ٻن جوابدارن  افتخار احمد ۽ مصطفيٰ کي موت جي سزا سان گڏ سعيد احمد، شڪيل احمد ۽ مدثر مختيار کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته  افتخار ۽ محمد مصطفيٰ تي هڪ هڪ لک رُپيا ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو ويو آهي.

سزا ماڻيندڙ جوابدارن جو تعلق اينٽي ٽيررازم اسڪواڊ( اي ٽي سي )  سان آهي.

ياد رهي ته اسامه ستي کي جنوري 2021ع تي اسلام آباد ۾ سري نگر هاءِ وي وٽ رات جو ڏيڍ وڳي اي ٽي سي جي اهلڪارن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو.

عدالت 31 هين جنوريءَ تي ٽرائل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، ڪيس جو ٽرائل ٻه سال هڪ مهيني تائين جاري رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.