اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف طرفان سڏايل آل پارٽيز ڪانفرنس جي تاريخ تبديل ڪئي وئي آهي.
سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي دهشتگردي واري مسئلي تي سڏايل اي پي سي ست بدران نوَ فيبروري خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ ٿيندي.
وزیراعظم شہباز شریف کی دہشت گردی کے مسئلے پر بلائی گئی اے پی سی 7 کے بجائے 9 فروری جمعرات کو اسلام آباد میں منعقد ہوگی جس میں ملک کی تمام قومی وسیاسی قیادت کو مدعو کیا گیاہے۔ دہشت گردی، درپیش چیلنجز کے مقابلے کی مشترکہ حکمت عملی مرتب کی جائے گی، نیشنل ایکشن پلان پر نظرثانی ہو گی
— Marriyum Aurangzeb (@Marriyum_A) February 6, 2023
سندس چوڻ هو ته دهشتگردي ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي ۽ قومي ايڪشن پلان تي به نظرثاني ڪئي ويندي.
ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌريءَ جو چوڻ آهي ته سندن پارٽي کي اڃا تائين حڪومت طرفان اي پي سي ۾ شرڪت جو باظابطا دعوت نامو ناهي مليو.
شہباز شریف نے میڈیا پر دہشت گردی کے معاملے پر آل پارٹیز کانفرنس اور تحریک انصاف کو شمولیت کی دعوت دی، لیکن ابھی تک اس ضمن میں تحریک انصاف کو کوئ دعوت نامہ نہیں ملا،باقاعدہ دعوت نامہ ملا تو اس کانفرنس میں شرکت پر مشاورت کریں گے
— Ch Fawad Hussain (@fawadchaudhry) February 6, 2023