پشاور ڌماڪي جا اهم تفصيل سامهون اچي ويا

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) پشاور جي پوليس لائنز ۾ ڌماڪي جا وڌيڪ تفصيل سامهون آيا آهن.

ذريعن موجب پوليس لائنز آپگهاتي ڌماڪي ۾ ٽي اين ٽي باوردي مواد استعمال ڪيو ويو ۽ ڌماڪو مسجد جي پراڻي حصي ۾ ٿيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مسجد جي پراڻي حصي ۾ ڪو پلر نه هو ۽ ڀتون رڳو سرن جي سهاري بيٺيون هيون جڏهن ته گهڻي قدر شهادتون ڌماڪي سبب ڀتون ۽ ڇت ڪرڻ سبب ٿيون.

ذريعن موجب دهشتگرد نيٽ ورڪ تائين پهچ حاصل ڪئي پئي وڃي.

ياد رهي ته پشاور پوليس لائنز  ۾ ٽيهه جنوري تي ٿيل آپگهاتي حملي ۾ سئو کان وڌيڪ نمازي شهيد ٿي ويا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.