غير مقامين جي ڀرتي جو خدشو، سنڌ پوليس جي نون اهلڪارن جا ڊوميسائل چڪاسڻ جو حڪم

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران سنڌ پوليس ۾ ويجهڙائي ۾ ڀرتي ٿيل اهلڪارن جا ڊومسائل چيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪابينا پشاور پوليس لائنز ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن مذمت ڪئي.

ان موقعي تي وڏي وزير طرفان شهيدن جي وارثن لاءِ  ڏهه لک ۽ زخمين جي علاج لاءِ پنج لک رُپيا امداد جو اعلان ڪيو ويو .

ڪابينا اجلاس ۾ مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ کي ويجهڙائي ۾ پوليس ۾ ڀرتي ٿيل اهلڪارن جي ڊوميسائل چيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

وڏي وزير چيو ته ڄاڻايل نوڪريون رڳو مقامي ماڻهن لاءِ آهن، آءِ جي پوليس ڊي سيز ذريعي ڊوميسائل چيڪ ڪرائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.