ملتان ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته پرويز مشرف لاڏاڻو ڪري چڪو آهي سندس معاملو الله جي حوالي آهي.
ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز جو چوڻ هو ته پرويز مشرف جي دور ۾ چونڊيل وزيراعظم سان جيڪو ٿيو ان مان قوم ڇا سکيو سڀني کي خبر آهي، عوام کي خبر پئجي وئي ته ڊڪٽيٽر شپ سبب ڪيترو نقصان ٿيو.
عمران خان تي طنز ڪندي مريم نواز چيو ته اسان انتظار ڪري رهيا آهيون ته هو جيل ڀرين ۽ شروعات زمان پارڪ کان ڪن، هن عورتن کي آڏو ڪري ڇڏيو آهي، پاڻ سامهون اچي، قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو، جيڪي ڏوهه ڪيا ويا آهن انهن جي سزا ڀوڳڻي پوندي.
هن چيو ته اسان کي احساس آهي ته مُلڪ ڏکين حالتن ۾ آهي، سڀ ڄاڻن ٿا ڏکيائيون ڪنهن جي ڪري آهن، مهانگائي گهٽائڻ، اگهه ڪنٽرول ڪرڻ صوبي جو ڪم آهي، پنجاب، ڪي پي ۽ آزاد ڪشمير به تحريڪ انصاف وٽ رهيا هو سڄو ملبو شهباز شريف مٿان وجهي هليا ويندا آهن.
مريم نواز وڌيڪ چيو ته ملڪ کي ڪو به پرڏيهي خطرو ناهي، ملڪ ۾ جيستائن استحڪام نه ايندو، ترقي نه ايندي، سموريون جماعتون هڪ صفحي تي آهن، اسان ڪوڙا واعدا نه ڪنداسين ۽ نه ڪورا دلاسا ڏينداسين، جيڪي واعدا ڪبا اُهي نڀائينداسين.