سُرن جي راڻي لتا منگيشڪر جي وڇوڙي کي هڪ سال مڪمل

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) سر، ساز ۽ سنگيت جي راڻي ننڍي کنڊ سان تعلق رکندڙ جڳ مشهور فنڪارا لتا منگيشڪر کي وڇڙئي هڪ ورهيه وهامي ويو.

لتا منگيشڪر 28 سيپٽمبر 1929ع تي هندستان جي شهر اندور ۾ جنم ورتو، هن جو والد پنڊت دينا ناٿ منگيشڪر به گلوڪار هو، هوءَ پنهنجي والد جي 5 ٻارڙن ۾ سڀني کان وڏي هئي.

انڊيا جي بلبل جي نالي سان سڏي ويندڙ عالمي شهرت رکندڙ لتا 13 سالن جي عمر ۾ ڳائڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجو پهريون گانو 1942ع ۾ رڪارڊ ڪرايو.

 ستن ڏهاڪن جي ڊگهي ڪيريئر دوران لتا منگيشڪر مختلف ٻولين ۾ 30  کان 50هزار گيت ڳايا، جن ۾ لتا جا ” لگ جا گلي “ ” اڪ پيار ڪا نغما هي“ ۽ آئيگي آئيگي، ڪسي ڪو هماري ياد آئيگي“  ”ديدي تيرا ديور ديوانه“ سميت ڪيترائي گانا مقبول ترين گانن ۾ شامل آهن.

 لتا منگيشڪر کي 1969ع ۾ هندستاني حڪومت طرفان بدما ڀوشن (ٽيون ميجر سول ايوارڊ)، 1999ع  ۾ پدما ڀوشن (ٻيو ميجر سول ايوارڊ) ۽ 2001ع  ۾ ڀارت رتنا جي اعلي ترين سول ايوارڊ سان نوازيو ويو .

لتا منگيشڪر زندگي جي آخري ڏهاڙن دوران بيمار رهڻ لڳي، کيس ڪورونا جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ 9 جنوري 2022ع تي ممبئي جي بريچ ڪينڊي اسپتال ۾ طبيعت خراب ٿيڻ جي ڪري داخل ڪيو ويو، کيس وينٽي ليٽر تي منتقل ڪيو ويو.

 ڪجهه  ڏينهن وينٽي ليٽر هٽائڻ بعد لتا منگيشڪر کي 5 فيبروري 2022ع تي ٻيو ڀيرو صحت جي خرابي سبب آءِ سي يو منتقل ڪيو ويو پر هوءَ صحتياب نه ٿي سگهي ۽ هن عظيم فنڪارا جون اکيون هميشه جي لاءِ بند ٿي ويون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.