دهشت ۽ فساد جي نه ختم ٿيندڙ حڪمت

امتياز عالم

پشاور جي پوليس لائنز ۾ آپگهاتي ڌماڪي ۾ سئو کان وڌيڪ سپاھين جي ڏک ڀري شهادت سان ھن ڀيري وري مذهبي دهشتگردي جي ديو هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کڻي ورتو آهي. اسلامي نظريي ھڪ  قومي سلامتي جي رياست لاءِ ان کان وڏي سزا  ڪهڙي هوندي ؟ چاليهن سالن کان جاري جهادي حڪمت عمليءَ جي ڪري جيڪا تباهي متي آهي،سا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي و ٺي. جنرل ضياءُ الحق کان وٺي جنرل باجوا تائين سڀ ان جا ذميوار آهن. هن خودڪش رياستي پاليسيءَ تي تنقيد ڪندڙن سان جيڪو ڪجھھ ٿيو ، اها هڪ الڳ خوني ڪهاڻي آهي پر ڪٿي ڏوهه جو اعتراف يا پشيمانيءَ جو ڪو  احساس ئي ناھي.ڪو سوچي سگھي ٿو تھ آرمي پبلڪ اسڪول جي ٻارن جي قتل عام کان پوءِ به انهن جي قاتلن کي وري فساد برپا ڪرڻ جي لاءِ واپس آڻي سگھجي ٿو. جنھن قومي اتفاق راءِ سان نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو ويو هو،ان کي فقط ٽي فرد الٽو ڪري  وري طالبان پروجيڪٽ کي بحال ڪري سگهن ٿا؟ ڇا اڳوڻو وزيراعظم عمران خان، آرمي چيف جنرل باجوا ۽ آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل فيض کان ڪو ان بابت پڇاڳاڇا ڪري سگهي ٿو؟ پڇاڳاڇا تھ هائبرڊ سسٽم آڻڻ وارن کان به نه ٿي ڪري سگهجي تھ پوءِ آل پارٽيز ڪانفرنس ۽ پارليامينٽ ڪري بھ تھ  ڇا ڪري؟ ايتري ھمٿ بھ ناھي جو تحريڪ طالبان پاڪستان جي افغانستان ۾سرگرم مرڪزن، گروهن کي ختم ڪرڻ لاءِ افغان طالبان جي امارات سان سڌي ڳالھھ ڪري سگھجي.

جن طاقتور حلقن  افغان طالبان جي ڪابل واپسي تي خوب بغل وڄايا ھيا،اھي ڇو ڀلجي ويا ھئا ته افغان طالبان جي ڪاميابي کانپوءِ پاڪستان ۾ به اها ئي ڪامياب حڪمت عملي تحريڪ طالبان پاڪستان ڪيئن نھ  اختيار ڪندي؟ الميو اهو ناهي ته تحريڪ طالبان پاڪستان اسان جي قبائلي علائقن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر باهه ۽ رت جي راند کڻي آئي آهي، بلڪھ الميو اھو آھي تھ ھنن جي انھيءِ خوني راند ۾ رياست سھولتڪاري فراھم ڪئي آھي ۽ پشتون نوجوان ۽ عوام امن جو جھنڊو کڻي نڪري آيا آھن، انهن جون زندگيون عذاب بڻايون ويون آھن، پوري پختون خواهه ۾ امن لاءِ آواز اٿارڻ وارن کي هڪ ئي وقت رياستي جبر ۽ دهشتگردن جي گولين جو نشانو بڻايو ويو يا گرفتار ڪيو ويو آھي.

انهن مان هڪ ميمبر قومي اسيمبلي علي وزير ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ضمانت ٿيڻ باوجود ھو اڃا تائين جيل ۾ بند آهي. نام نهاد گڊ طالبان کي شهري حقن جي تحريڪ ۾، مقابلي ۾ اسٽيڪ هولڊر بڻائڻ جي حڪمت عملي نوآبادياتي رياست جي ضرورت تھ بڻجي سگهي ٿي پر امن ،سلامتي ۽ ملڪي يڪجھتي جي ضرورت ناھي،  اسان ڏسي چڪا آهيون ته ضرب عضب ھجي يا وري ردالفساد، طالباني فتنو ختم نٿو ڪري سگھجي ،جن جو شايد ائين ڪرڻ مقصد پڻ نھ ھو. دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ افغان طالبان کي ڊيورنڊ لائين پار پناهه گاهون ڏنيون ويون، جڏهن ته تحريڪ طالبان پاڪستان کي ڊريونڊ لائن جي ھن پار آمريڪي هٿيارن سميت سمورو سامان ۽ مال غنيمت ڏنو ويو ۽ جيڪي ھاڻي وري تازا توانا ٿي ڪري  غزوھ ھ هند بپا ڪرڻ وارا آھن.جن پاڪستاني عالمن ۽ انهن جي مدرسن جھاد قتل جو سبق  افغان طالبان کي پڙھايو ھو، انھن جي ھاڻي جهاد کي فساد قرار ڏيڻ وارين فتوائن کي افغان طالبان ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان جي اميرن رد ڪري ڇڏيو آھي. خود افغان طالبان جي امير  هيبت الله پاڻ طالبان تي ٿيل تنقيد کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪنهن به واعدي جي پابندي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن ۾ دهشتگردن طرفان افغان سرزمين جي استعمال جي مخالفت به شامل آهي ۽ اسان هن کان سفارتي معافي جا طلبگار آھيون. جيڪو ٻج ٽن افغان گهرو ويڙهن ۽ جهادن دوران پوکيو ويو هو، اھو ڪيترا ئي ڀيرا لڻيو ويو آھي ۽ هاڻي نئين سر وري اھو  فصل تيار آهي. ھڪ ٻيو فساد الارض !

پشاور ۾ ٿيل اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس جي بائيڪاٽ ڪرڻ کانپوءِ هاڻي عمران خان 7 فيبروري تي ٿيندڙ آل پارٽيز ڪانفرنس جو به بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي. هن نه رڳو تحريڪ طالبان پاڪستان جي ويڙهاڪن جي وطن واپسي ۽ بحاليءَ واري پنهنجي پاليسي جو دفاع ڪيو آهي پر ان تي عملدرآمد روڪڻ جي فيصلي لاءِ موجوده دهشتگرديءَ کي به ذميوار قرار ڏنو آهي. اهڙي صورتحال ۾آل پارٽيز ڪانفرنس ڪري بھ تھ ڇا ڪري؟ پهرين پختون سماج جي انهن سمورن حلقن کي اسٽيڪ هولڊر طور آن بورڊ ورتو وڃي، جيڪي عرصي کان طالبان خلاف وڙهندا رهيا آهن ۽ رياستي جبر جي نذر بھ ٿيندا رھياآهن، جن ۾ پشتون قومپرست، قبائلي علائقن جي امن تحريڪ ۽ پشتون تحفظ موومينٽ جا نوجوان شامل آهن. جن پختون قومپرستن ۽ امن پسندن سان نفرتون ڪيون ويون آهن، انهن کي هراول دستو بڻائڻو پوندو ۽ صرف قبائلي عوام جي طاقت سان ئي طالبان جي لاءِ زمين تنگ ڪري سگھجي ٿي. بشرطيڪ سيڪيورٽي ادارا انھن سان گڏ بيھن.پختون قوم پرستن هن جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، جيڪي قابل تعريف آهن پر کين اهو به سمجهڻو پوندو ته احمد شاهه ابدالي جو خواب ۽ گريٽر افغانستان جي سياسي حڪمت عملي هاڻي طالبان جي گيم آهي. پر پختون قومپرستن جي اھا ٺوس ۽ جائز شڪايت ته پختونن کي طالبان پروجيڪٽ  تحت ظلم جي مشق بڻايو ويو  آھي،کي دور ڪرڻو پوندو  ۽ رياست کي انهن کي اهم اسٽيڪ هولڊر طور قبول ڪرڻو پوندو. نيشنل ايڪشن پلان کي نئين سر ترتيب ڏيڻ لاءِ ضروري آھي تھ چاليهن سالن جي جهادي رياستي پاليسيءَ جي سمورن ناڪاري نتيجن ۽ ان جي نظرياتي ۽ سماجي اثرن ۽ ادارتي بنيادن جو جائزو ورتو وڃي. اهو به ڏسڻ گهرجي ته نيشنل ايڪشن پلان ۽ ان جي مطابق جوڙيل  ادارا، جن ۾ نيڪٽا ۽ انٽيليجنس ڊائريڪٽوريٽ ڇو نھ ڪم ڪري سگھيا. فوج کي ئي جي دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪرڻو آهي ته پوءِ اها ذميواري فوج جي هجڻ گهرجي نه ڪي  ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽميٽ جي ۽ ۽ پوليس فورس جي، جن جو ڪم شهري ۽ ٻهراڙيءَ جي زندگيءِ جي امن امان ۽ معمولات کي منظم ڪرڻ هوندو آهي. پر چئن ڏهاڪن جي تباهي واري پاليسيءَ جا نتيجا ڀوڳڻ کان پوءِ اهو ضروري ٿي ويو آهي ته سلامتي جا معاملا  سول قيادت جي هٿ ۾ هجن ۽ پارليامينٽ سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسيءَ جو فيصلو ڪري نھ ڪي جنرل هيڊڪوارٽر . جنهن ۾ وڏي پيماني تي پاڪستان ۾ نظرياتي طالبانائيزيشن آهي جيڪا ڏاڍي خوفناڪ آهي.

اصل سوال اهو طئي ڪرڻ جو آهي ته پاڪستان هڪ مذهبي رياست ھجي يا قومي رياست ؟ اسان جا ادارا آھن تھ  جديد ۽ قومي ، پر رياست جو نظريو اسلامي آهي. جيڪڏهن اسلامي رياست ٺاهڻ ئي مقصود آھي تھ امارات اسلاميھ افعانستان ۽ ايران سان ڪھڙو نظرياتي جھيڙو آھي ؟

جھڙي طرح جي معاشي تباھي اسان جي سامھون آھي ، ان جي پيش نظر اهو به طئي ڪرڻو پوندو ته اهڙي ڪمزور ۽ ھٿ ڊگھيرڻ واري معيشت جي بنياد تي ھيڏي وڏي ھيبت جھڙي قومي سلامتي جي رياست کڙي نٿي رھي سگھي ۽ نه ئي اسان توسيع پسند سيڪيورٽي ايجنڊا جو شڪار ٿي ڪري  بي  نتيجا جنگ ۽ مھم جوئين ۾ ڦاٿل رھي سگھون ٿا. هاڻي تبديلي جو وقت آهي. مٿي کان هيٺ تائين!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.