عمران خان جو خط، موجوده حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جو رويو

محمد حنيف بخشي

ھڪ اخباري خبر جي مطابق ته عمران خان صدر مملڪت کي ھڪ خط لکيو آھي، جنھن ۾ ھن ڳالھه   تي زور ڏنو ويو آھي ته فوج جا ڪجھه  آفيسر ۽ ايجنسيون پي ٽي آءِ جي خلاف ڪاررواين ۾ ملوث آھن. ان خط جي متن ۾ اھو به ذڪر ڪيو ويو آھي ته صدر مملڪت ملڪ جو سپريم ڪمانڊر آھي ۽ اھو پي ٽي آءِ جي خلاف ڪارروايون بند ڪرائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري. عمران خان جي  موجوده  صورتحال ڏسي ڪري ماضي قريب ياد اچي رھيو آھي ته خود عمران خان صدر مملڪت کي اسٽيبلشمينٽ جي سامھون ڪمزور ڪري رکيو ۽ پوءِ گذريل سال اپريل جي مھيني ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت جو خاتمو ٿيو.

حڪومت جي خاتمي کان پھريان ۽ حڪومت جي خاتمي کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ جي طرف کان صدر مملڪت جي ذريعي عمران خان جي سامھون ڪئي آپشنز رکيا ويا.  مثال طور حڪومت جي خاتمي کان پھريان عمران خان کي وزيراعظم جي عھدي تان استعيفيٰ ڏيڻ ۽ پوءِ پي ٽي آءِ جي ئي طرفان پارٽي جي ڪنھن نئين  نالي جي  وزيراعظم طور چونڊ ، اسيمبلي  کي ٽوڙڻ ۽ نئين  اليڪشن جو اعلان يا وري عدم اعتماد جي تحريڪ جو قومي اسيمبلي  ۾ مقابلو ڪرڻ، ھنن سڀني آپشنز کان اسٽيبلشمينٽ جي طرف کان عمران خان کي صدر مملڪت جي ذريعي آگاھ ڪيو ويو ھو ۽ ٻي صورت ۾ اپوزيشن  ۾ رھي ڪري به عمران خان جي لاءِ بطور اپوزيشن جو عھدو به اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ اوترو ئي محترم عھدو  ھو، جيترو بطور وزيراعظم، بصورت اھو اپوزيشن ليڊر جو قومي اسيمبلي  جي فلور تي يا عوامي جلسن ۽  ميڊيا ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مخالفت نه ڪرڻ شامل هو. جيئن ته  موجوده   اسٽيبلشمينٽ پاڻ کي نيوٽرل ڪري چڪي آھي. ڇو ته   ھاڻ اسٽيبلشمينٽ جو چوڻ آھي ته سياستدان  پنھنجا سياسي معاملا پاڻ  ملي جلي حل ڪرڻ سکن ۽ ملڪي مفاد جي لاءِ سوچين، جنھن ۾ نئين  اسٽيبلشمينٽ ڪنھن به قسم جي سياسي پارٽين جي وچ ۾ڪائي به سھولت ڪاري مھيا نه ڪـندي.اڄ ڪلھه ملڪ ۾ سياسي طور تي جيڪو ڪجھه  ٿي رھيو آھي، اھو نه ملڪ جي مفاد ۾ آھي ۽ نه ئي قوم جي مفاد ۾ حڪومت ۽ عمران خان ھڪ ٻئي تي الزام ھڻي رھيا آھن پر عمران خان جي طرف کان ادارن ۽ اسٽيبلشمينٽ کي نشانو بڻايو وڃي ٿو ۽ ٻئي طرف حڪومت پي ٽي آءِ کي انتقامي ڪارروائين جو نشانو بڻائي رھي آھي

ھن ۾ ڪوئي شڪ نه آھي ته عمران خان جو  موجوده  بيانيو ڪمزور ۽ اسٽيبلشمينٽ جو بيانيو ماضي جي مقابلي ۾ گھڻو طاقتور ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ھڪ طرف عمران جمھوريت ۽ جمھوري ادارن جي مضبوطي جي ڳالھه   ڪري رھيو آھي ته ٻئي طرف قومي ۽ صوبائي اسيمبلين مان پاڻ کي ٻاھر رکڻ عمران خان جو ٻٽو معيار آھي ۽ سڀ کان وڏو سبب ھي آھي ته عمران خان اسٽيبلشمينٽ کان ٿرڊ پارٽي جو ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪري رھيو آھي ته حڪومت جي انتقامي ڪاررواين کان پارٽي اڳواڻن کي بچايو وڃي.

عمران خان جي پارٽي اڳواڻن سان جيڪو ڪجھه  ٿي رھيو آھي اھو وڌيڪ مقافات عمل چيو وڃي ٿو. جيڪڏهن مقافات عمل کان ھٽي ڪري ڏسون ته پاڻ عمران خان ۽ ان جي پارٽي اڳواڻن جي طرف کان زبان درازي ڪئي وڃي ٿي، جيڪا ڪنھن به جمھوري ۽ مھذب معاشري ۾ قابل قبول ناھي ھوندي. ڇو ته تنقيد براءِ اصلاح يا تنقيد براءِ تنقيد به ڪنھن حد تائين قابل برداشت ھوندي آھي پر ھتي ته تنقيد براءِ ڪردارڪشي تائين ڳالھيون ڪري رھيا آھن پوءِ به عمران خان چئي رھيو آھي ته شھباز گل سان سٺو نه ٿيو. اعظم سواتي سان برو ٿيو. فواد چوڌري سان نا انصافي ٿي ۽ ھاڻي شيخ رشيد سان به اھو ئي سلوڪ ٿي رھيو آھي.

اڄ عمران خان اھو ئي ڪجھه  چئي رھيو آھي جيڪي اسٽيبلشمينٽ جي طرف کان ھڪ سال پھريان عمران خان جي سامھون مطالبا رکيا ويا ھئا. ھاڻ عمران خان جو وڌيڪ زور نئين  اليڪشن تي آھي پر سوچڻ جي ڳالھه   اھا آھي ته چار سال  حڪومت ۾ رھي ڪري ڪجھه  نه ڪري سگھڻ  ۽  موجوده  حڪومت کي ھڪ سال به برداشت نه ٿي رھيو آھي. ڇو ته   ٿي سگھي ٿو   نومبر کان پھريان ئي  موجوده  حڪومت نئين  اليڪشن جو اعلان ڪري ڇڏي ـ

عمران خان جي لاءِ جلد يا دير ھي ڳالھه  ذھن نشين ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿيڻ لازم آھي ته عمران جي لاءِ ماضي جھڙيون حالتون ناھن رھيون ۽ نه ئي حڪومت ۾ اچڻ جي لاءِ ڪوئي ڪلھو پيش ڪيو ويندو. تجزيي نگارن جو چوڻ آھي ته عمران خان پاڪستاني سياست ۾ ماضي جو حصو سمجھو وڃي ٿو. ڇو ته   اصل سياست اپوزيشن ۾ رھي ڪري ڪئي ويندي آھي جتي انسان پنھنجن پراين ملڪ ۽ قوم جي مفادن جي حوالي سان گھڻو ڪجھه  سکڻ جو موقعو ملندو آھي، جتي اپوزيشن ۾ رھي ڪري حڪومت جي اکين ۾ اکيون ملائي مقابلو ڪرڻو پوندو آھي، ھي اپوزيشن ۾ رھڻ جو تجربو عمران خان کان ويجهو به نه گذريو آھي.  موجوده  حالتن کي ڏسون ته عمران خان زمان پارڪ لاھور ۾ گذريل ٽن مھينن کان گرفتاري جي ڊپ کان پاڻ کي قيد ڪري ڇڏيو آھي.

جيڪڏهن عمران خان ھڪ مڪمل سياستدان بڻجڻ چاھي ٿو ته ھوا جو رخ ڏسي پنھنجون سياسي چالون ھلڻ جي ڪوشش ڪري، جتي عمران خان جي لاءِ گل گھٽ ۽ ڪنڊا وڌيڪ آھن ۽ هن سان گڏ پارٽي جي سڀني اڳواڻن کي به صحيح رخ ۾ سفر جاري رکڻ جو تعين ڪرڻ گھرجي ۽ ساڻ پارٽي کي منظم ۽ مضبوط ڪري نئين  شڪل ڏيڻ گھرجي ته جيئن اچڻ وارن ڪجھه  سالن ۾ ھڪ دفعو ٻيھر ساڳيو مقام حاصل ڪري سگھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.