ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ ۽ صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته منهنجي معلومات مطابق پوليس آفيسر کي ٿڦ هڻندڙ عورت گرفتار ٿي چڪي آهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اها هڪ غلط روايت آهي ان تي سخت ايڪشن کڻڻ گهرجي، ايئن نه ٿيڻ گهرجي ته ڪو پنهنجي اسٽيٽس جو فائدو کڻي ۽ پوليس وارن تي هٿ کڻي، جيڪڏهن ان تي ڪارروائي نه ٿي ته اها روايت هلي پوندي جيڪا غلط آهي.
هن چيو ته مشرف لاڏاڻو ڪري ويو آهي، هاڻي مناسب ناهي ته هن تي ڳالهايو وڃي اڄ تائين ڪراچي جي ڪنهن يوسي جو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ٿيو، 11 سيٽن تي اليڪشن ڪرائينداسين.
ڊي ايس پي ٽريفڪ تي چماٽ هڻندڙ عورت جي عبوري ضمانت
ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس جي ڊي ايس پي کي ٿڦ هڻڻ ۽ ڌمڪيون ڏيندڙ عورت مقامي عدالت مان عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ ڊي ايس پي کي ٿڦ هڻڻ جي ڪيس ۾ نامزد جوابدار عورت ڊاڪٽر انعم جي هڪ لک رپين ۾ عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.
عدالت ملزمه کي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي هدايت ڪئي ۽ ڊپٽي پبلڪ پراسيڪيوٽر ۽ ڪيس جي جاچ آفيسر کي 8 فيبروري لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
عورت پاران هن جي ڀاءُ مسعود الاهي خان ضمانت ڪرائي، عدالت جاچ آفيسر کي هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تي پوليس فائل سان گڏ پيش ٿئي ۽ ملزمه جي ضمانت درخواست ۾ توثيق تي دليل ڏنا وڃن.