جسٽس وقار سيٺ جو مشرف خلاف ڦاهي وارو فيصلو برقرار، ”پيٽي ڀائي“ جا ڏوهه معاف نه ڪرڻ جوڳا

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مشرف پنهنجي حسرتناڪ انجام تي پهچي ويو، ڪجهه ماڻهو هن کي ان انجام کان بچائڻ چاهين ٿا، هن جي قصيده گوئي ٿي رهي آهي، فوجي ڪمانڊ پاران بيان قومي ميڊيا تي بيان هلي رهيا آهن، اهو سڀ ڏسي چئي سگهجي ٿو ته هن ملڪ کي ٺيڪ ناهي ٿيڻو، پاڪستان جي حفاظت جي ذميواري ڪنهن هڪ جي ذمي ناهي، مشرف حڪومت تي ناجائز قبضي کان اڳ ئي مجرم ٿي چڪو هو، هن اعلان لاهور کان انڪار ڪيو هو، جڏهن ڀارت سان ڳالهيون مڪمل ٿي امن جي رستي ڏانهن اڳڀرائي ٿي رهي هئي ته مشرف ڪارگل جو محاذ کولي ڇڏيو.

مشرف جي ڏوهن جي لسٽ تمام ڊگهي آهي، ڪارگل، وزيراعظم کي هٿڪڙيون لڳائڻ، حڪومت ڪيرائڻ، ٻه ڀيرا مارشل لا لڳائڻ، ججن کي قيد ڪرڻ، پنهنجي اقتدار لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ ، بهانو هن اهو ڳوليو ته مان احتساب ڪرڻ اچي رهيو آهيان، هتي جنرلن پاڪستان ٺاهيندڙن تي ڪرپشن جا الزام هڻي ڪيس داخل ڪرايا، مشرف جي معاملي هن وقت خطرناڪ سياست ٿي رهي آهي، جڏهن هن جو لاش خاص جهاز ذريعي واپس ايندو ته پوءِ وزيراعظم شهبازشريف کي گهر هليو وڃڻ گهرجي، ڇا مشرف کي فوجي اعزازن سان دفنايو ويندو.

مشرف فوج کي قوم کان الڳ ڪري ڇڏيو هو، مشرف خلاف آرٽيڪل 6 تحت خاص عدالت کيس موت جي سزا ڏني هئي، ان ڏينهن تي جنرل (ر) باجوا مشرف جي اسپيشل ڪمانڊو يونٽ جو دورو ڪري مشرف سان ايڪتا جو اظهار ڪيو هو، تڏهن ميجر جنرل آصف غفور چيو هو ته اسان هڪ فيملي آهيون، ڇا حڪومت کيس سول اعزازن سان دفنائيندي؟ مشرف جا گيت ڳائيندڙ پاڪستان جي مهاجر ڪميونٽي آهي، هن ايم ڪيو ايم کي ٻيهر زنده ڪيو، ايم ڪيو ايم پوءِ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو تاريخ جو حصو آهي، ان پٺيان مشرف جي سپورٽ هئي، ٻيو حمايتي طبقو اوور سيز پاڪستاني آهن، ٽيون طبقو رٽائرڊ فوجي آهن.

مشرف ۽ پي ٽي آءِ جا حمايتي اهي ٽيئي طبقا آهن، مشرف خلاف آرٽيڪل 6 جو فيصلو اڃا تائين موجود آهي، حڪومت چاهي ته ان فيصلي تي عمل ڪرائي سگهي ٿي، ان ۾ جسٽس وقار سيٺ جو نوٽ اهميت جوڳو آهي، ماضي ۾ ٻين ملڪن ۾ ڊڪٽيٽرن جا لاش ڪڍي انهن کي ڦاهي ڏني وئي هئي، فوج جيڪڏهن سمجهي ٿي ته پاڪستان آئين تحت ئي هلي سگهي ٿو ،انهن کي پنهنجي انا کي هڪ طرف رکڻو پوندو، پيٽي ڀائي جي ڏوهه تي ڪپڙو رکڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، گهروارا ڀلي مشرف جو لاش آڻين، سرڪار جيڪڏهن خاص جهاز موڪلي ٿي ته پوءِ پاڪستان تبديل نه ٿيندو.

نوٽ:عمران شفقت جو هي تجزيو روزاني عوامي آواز سومر 23-02-06 تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.