داد لغاري ۾ پوليس جي زيادتين خلاف شٽر بند هڙتال، ڌرڻو، نعري بازي

داد لغاري (رپورٽ امجد لغاري )داد لغاري ۾ پوليس جي زيادتن خلاف شھرين جو طالب لغاري ـ يعقوب لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  سوين شھرين داد لغاري ٿاڻي جي مک گيٽ اڳيان احتجاج ڪيو ۽ داد لغاري  شھر ۾ مڪمل طور شٽر بند ھڙتال ڪري دڪان بند ڪري ڇڏيا ۽ پوليس جي زيادتن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي شھرين طالب لغاري ـ يعقوب لغاري ۽ ٻين چيو ته  داد لغاري ٿاڻي جو ايس ايڇ او صفي الله انصاري پوليس اٽالا ساڻ ڪري رات دير سان معزز شھري يعقوب لغاري جي گھر ۾ گھڙي گھر جو تقدس پائمال ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي سخت تشدد ڪيو ۽ بنا جواز چوري جو الزام ۾ اسان جي ٻن نوجوانن حاڪم ۽ صمد لغاري کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي ۽ پوليس چڙھائي توڙي نوچوانن جي گرفتار جو ڪو به جواز نه ٿي ٻڌائي ھنن چيو سوين شھري مجبور ٿي داد لغاري شھر مڪمل طور بند ڪيو آھي ۽ جيستائين داد لغاري پوليس پاران ڪيل زيادتي جو ايس ايس پي گھوٽڪي ازالو نه ڪندو ۽ ان سان گڏوگڏ ملوث پوليس اھلڪارن خلاف ڪاروائي نه ڪندو  تيستائين داد لغاري شھر مڪمل طور بند رھندو ۽ احتجاج به جارد رھندو ٻي طرف ايس او داد لغاري جو چوڻ ھو ته پوليس داد لغاري شھر ۾ دڪاندار اقرار منگي جي سيلون جي دڪان مان ٿيل لکين روپين جي چوري جي خفيا اطلاع ملڻ بعد جاچ لا۽ يعقوب لغاري جي گھر پھتي ته گھر ڌڻين ھنگامو ڪيو ھن چيو پوليس جو ڪو به اھلڪار شھري يعقوب لغاري جي گھر ۾ داخل نه ٿيو آھي ٻي طرف خبر فائل ٿيڻ تائين شھرين جو داد لغاري ٿاڻي اڳيان احتجاج جاري ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.