مٺياڻي (رپورٽ : امير ملڪ) ڪراچي جي لاسي ڳوٺ ۾ قتل ٿي ويل مٺياڻي واسي آفتاب احمد سولنگي جا قاتل گرفتار ن ٿيڻ خلاف يوٿ ڪاميٽي مٺياڻي جو مين چونڪ تي احتجاج ڪيو ويو ۔ جنھن جي اڳواڻي فياض علي شيخ ۔ شڪيل ڇڄڙو ۔ رحمان سولنگي ۔ فاروق سولنگي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ۔ ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته 3 ڏينھن پهريان شهيد آفتاب احمد سولنگي کي ڪراچي جي لاسي ڳوٺ ۾ ڦورن سان ڦر دوران مزاهمت تي سندس کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو هو ۔ جنهن جو چار ڏينهن گذرڻ باوجود ڪيس داخل ن ٿي سگهيو آهي ۽ شھيد جي خون سان سراسر ناانصاف آھي ۔ جيڪا انتهائي افسوسناڪ ۽ قانون ۽ انصاف جي ادارن لاء سواليه نشان آھي ۔ اسان حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ت شهيد آفتاب جي قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.