سکر ويجهو قتل ٿي ويل نوجوان جو ڪيس داخل نه ٿيو، احتجاج

سکر (  رپورٽر ) بچل شاھ مياڻي ۾  گزريل 2 ڏينھن اڳ  جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پيسن جي ڏيتي ليتي تان قتل ٿي ويل نوجوان علي  جان جتوئي پٽ رضا محمد جتوئي جو ڪيس 2 ڏينھن گزرڻ بعد داخل ٿي ن سگھيو قتل ٿيندڙ نوجوان جي وارث پي رضا محمد ميڊيا کي ٻڌايو ت 2 ڏينھن اڳ بچل شاھ مياڻي ۾ پيسن جي ڏيتي ليتي تان ايس ايس پي سکر جي پراءيوٽ گارڊ ۽ چوڪي انچارج بھرام بڊاڻي سرڪاري راءيفل سان فارنگ ڪري اسان جي پٽ علي جان جتوءي کي قتل ڪري ڇڏيو پوسٽ مارٽم بعد حد جي پوليس اسان جي خون جو ڪيس داخل ڪرڻ کان لنواءي رھي آھي ٻءي طرف ايس ايڇ او فون تي ٻڌايو ت فريادي ٿاڻي تي ناھين آيا جڏھن اسان وٽ ايندا ت ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.