خيرپور ( رپورٽ : شاهد نواز سيال ) خيرپور جي پوليس جو ڪچي ۾ ڪومبنگ آپريشن دوران ڏوهارين جي سهولتڪارن سميت 14 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، ڪومبنگ ۽ سرچ آپريشن ۾ اڳرا اڪنامڪ زون بهارو محبوب ڪلهوڙو ۽ ڪچي جي ٿاڻي جي اهلڪارن حصو ورتو، جڏهن ته ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسو چيو ته سر چنگ ۽ ڪومبنگ آپريشن ڪرڻ جو مقصد امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻو آهي، ڪومبنگ آپريشن ۾ اسپيشل ٽيمن حصو ورتو، هن چيو ته خيرپور ضلعي جا تمام ايس ايڇ او سماجي براين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪن ۽ ڏوهارين کي گرفتار ڪن، هن چيو ته خيرپور پوليس جي منشيات جي خلاف ڪاروائي 3 منشيات فروش گرفتار بي سيڪشن پوليس ۽ ون فائيو پوليس گڏيل ڪارروائي ڪندي منشيات فروش ضمير جتوئي. فائق لاشاري ۽ اسماعيل عباسي کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار منشيات فروشن جي قبضي مان ڪلٽس ڪار ۽ 96 شراب جون بوتلون هٿ ڪيون ويون آهن گرفتار ڪيل جوابدارن مٿان منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ايس ايس پي خيرپور مير روحل خان کوسو طرفان ڪامياب ڪارروائي تي پوليس اهلڪارن کي شاباس ۽ انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.