صالح پٽ (ن ع آ )صالح پٽ لڳ ڳوٺ ترائي ۾ ٻن پورهيت علي گل جمالي رمضان جمالي جي ڪکاون گهرن کي چل جي چڻنگ مان باهه لڳڻ سبب سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو متاثرن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان صبح جو مزدوري ڪرڻ وياسين ته پويان اوڇون ٻارن جي ھٿان لڳل باهه ٻن گهرن کي وڪوڙي وئي جنهن جي نتيجي م گھر ۾ پيل اناج هنڌ بسترا نياڻي جي ڏاج روڪ رقم سڀ سڙي رک ٿي ويو متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل متاثر وس وارن کي مدد جي اپيل ڪئي آهي.