داد لغاري ويجهو ٻن گهرن کي باهه، ننڍ ستل 8 سالن جو نينگر سڙي فوت

داد لغاري (رپورٽ امجد لغاري )داد لغاري ويجھو ڳوٺ ڇاندڻ شريف ۾ باھ جو افسوس ناڪ واقعو پيش آيو آھي جڏھن ته  چلھ مان چڻنگ اٿڻ سبب مرچو مارواڙي ۽ ساڌو مارواڙي جي ٻن گھرن کي باھ لڳي وئي جنھن جي نتيجي ۾ ڪکاون گھرن ۾ پيل سموري سامان سڙڻ سميت گھري ننڊ ۾ ستل 8 سالن جو معصوم ٻارڙو شيوا مارواڙي پڻ سڙي ڪوئلو ٿي فوت ٿي ويو جڏھن ته  باھ لڳڻ بعد ڪکاوين گھر ۾ ستل معصوم ٻارڙو  پاڻ بچائڻ لا۽ دانھون ڪندو رھيو ر باھ جي تيز شعلن معصوم ٻارڙي جي حياتي کسي ورتي جنھن بعد گھرڀاتين جي دانھن تي ڳوٺاڻن پھچي باھ تي ضابطو آندو ۽ سڙي فوت ٿيل معصوم ٻارڙي جو لاش ڪڍي ورتو جنھن بعد علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول پيدا ٿي ويو ۽ معصوم ٻارڙي جا گھر ڀاتي دانھون ڪندا رھيا جڏھن ته معصوم ٻارڙي جي امڙ کي بيھوشي جا دورا پئجي رھي آھن ۽ گھر ڀاتي زارو قطار اڀ ڏاريندڙ دانھون ڪندا رھيا ٻي طرف اطلاع ڪرڻ باوجود ڏھرڪي ٽائون ڪاميٽي جي انتظاميا لاپرواھي ڪندي فائرگيڊ  گاڏي خراب ھجڻ جو جواز ڏيکاري فائربر گيڊ گاڏي واقعي واري ھنڌ نه موڪلي ھوڏانھن اھڙي افسوسناڪ واقعي ٿيڻ بعد ڪو عملدار به واقعي واري ھنڌ نه پھتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.