مٽياري لڳ ڳوٺ عبدالستار آرائين مان 4 چوريون، پوليس ننڊ ستل

مٽياري ( ڊ ر )   شاھپوردرپور ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ عبدالستار آرائين مان ھڪ ھفتي  ۾ راشد  آرائين جي بورنگ تان بجلي جو ٽرانس فارم ۽ ان جو لنڪو لاھي کڻي ويا ڳوٺ مان ڊاڪٽر اسلم آرائين جي بورنگ تان چور بجلي جو ميٽر ۽ تارون ٻيو سامان چوري ڪري ويا امير بارچو جي موٽر سائيڪل چوري ٿي وئي ڳوٺ ۾ گھر ٻاهران لڳل پاڻي جو موٽر پڻ چوري ٿي ويو آھي  جڏھن ڳوٺاڻن ڊاڪٽر اسلم آرائين، شھزاد آرائين، امير علي جو چوڻ آھي ته  ڳوٺ اندر چوريو روز جو معمول بڻجي ويون آھن پليجاڻي جي پوسٽ انچارج کي بار بار شڪايت ڪئي آھي پر ھو ڪجھ ڪرڻ جي لاء تيار ناھي.

  • ٺٽي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو شاهد نذير لنڊ جي اڳواڻي ۾ ڪشميرين حق ۾ ريلي

مڪلي(ن ع آ) ضلعي انتظاميه ٺٽو پاران ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو شاهد نذير لنڊ جي اڳواڻي ۾ ڪشميرين حق ۾ مڪلي تي ڊي  سي آفيس کان قومي شاھراھ تائين هڪ شاندار ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ مختلف کاتن جي آفيسرن، عملي، استادن، شاگردن، سول سوسائٽي، وڪيلن، اين جي اوز جي نمائندن ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.  مظاهرين هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي مودي حڪومت ۽ ڀارتي فوج خلاف جڏهن ته ڪشميرين جي حق ۾ سخت نعريبازي پڻ ڪئي،  ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو شاهد نذير لنڊ، سوشل ويلفيئر کاتي ٺٽي ڊپٽي ڊائريڪٽر خدا بخش بھراڻي ۽ ٻين چيو تہ خطي جو امن ڪشمير مسئلي جي پرامن حل سان جڙيل آهي، گڏيل قومن کي ان جي فيصلن مطابق ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.