باڊهه ( ن ع آ ) لاڙڪاڻي ضلعي جي ٻئي نمبر وڏي تاريخي ۽ ڪاروباري شهر باڊهه کي تعلقي جو درجو نه ملي سگهيو شهري مسلسل چوٿين سال به سراپاءِ احتجاج بڻيل. باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ باڊهه تعلقا موومينٽ پاران هر آچر جيان هن آچر تي به باڊهه تعلقا موومينٽ جي ڊپٽي ڪنوينرز زيب علي ساريو ۽ ڪامريڊ قادر بروهي جي اڳواڻي ۾ هٿن ۽ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ٽائون هال کان ناد علي شاپنگ سينٽر تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري ۾ باڊهه شهر جي سياسي سماجي علمي ادبي صحافتي ۽ ڪاروباري تنظيمن جي اڳواڻن عزيز بروهي، دودو ديشي، محمد علي خشڪ، اصغر نوناري، سينيئر صحافي نظام ڪولاچي، الطاف حسين پٺاڻ، فدا حسين تنيو، ممتاز پنهور، ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري باڊهه تعلقي جي حق ۾ زوردار نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 14 وارڊن تي مشتمل ڏيڍ لک آبادي سان باڊهه شهر لاڙڪاڻي ضلعي جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، باڊهه تعلقا موومينٽ پاران باڊهه تعلقي لاءِ گهربل تمام تقاضائن کي مڪمل ڪيو ويو آهي تنهن هوندي به باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو نه پيو ڏنو وڃي جيڪو هڪ افسوسناڪ عمل آهي ۽ باڊهه واسين جي ووٽ جي توهين آهي. پيپلزپارٽي حڪمرانن توڙي مقامي چونڊيل نمائندن اليڪشن مهمن ۾ باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيڻ ۽ باڊهه واسين کي بنيادي سهولتون ڏيڻ جا واعدا ڪري ووٽ ورتا پر گذريل 15 سالن کان پيپلزپارٽي حڪمرانن ۽ مقامي چونڊيل نمائندن پنهنجا واعدا پاڙڻ بجائي سدائين واعدا خلافي ڪئي آهي جنهن سبب باڊهه واسين ۾ شديد غصي جي لهر ڦهليل آهي. باڊهه تعلقا موومينٽ پاران مقامي چونڊيل نمائندن توڙي حڪمرانن کي سندن ڪيل واعدا ياد ڏيارڻ لاءِ گرمي سردي طوفان، بارشن توڙي ڪرونا وبا دوران به احتجاج رڪارڊ ڪرائي باڊهه تعلقي جي گهر ڪئي آهي ۽ ڪشمور کان ڪراچي تائين احتجاجي ريليون ڪڍيون آهن پر تنهن هوندي به حڪمران انڌا ٻوڙا ۽ گونگا لڳا پيا آهن ۽ عوامي مسئلن کان ڪن لاٽار ڪري رهيا آهن. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته باڊهه شهر کي بائي پاس، پبلڪ پارڪ، ٽيڪسي اسٽينڊ سميت ٻين ڪيترن ئي سهولتن کان محروم ڪري باڊهه شهر کي هڪ ٻئي موئن جو دڙو ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ باڊهه واسي هاڻي سمجهي چڪا آهن ته سندن تمام مسئلن جو حل باڊهه تعلقي سان مشروط آهي ان ڪري باڊهه واسين جو هڪ ئي مطالبو آهي ته باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ ايندڙ عام اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي جي حمايت بجائي مخالفت ڪئي ويندي ۽ ووٽ ان پارٽي کي ڏنا ويندا جيڪا باڊهه تعلقي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي. وڌيڪ هنن پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ مقامي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪندي چيو ته باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏئي شهرين ۾ ڦهليل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۽ جيستائين باڊهه کي تعلقي جو درجو نه ٿو ڏنو وڃي تيستائين احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.