مانجهند (ن ع آ)کاڻوٺ ٿاڻي جي حد ۾ بدامني بدستور عروج تي پهتل آھي، گذريل رات اڻڄاتل چور منظورآباد جي محمدي مسجد مان 200 والٽس جي بيٽري چوري ڪري فرار ٿي ويا اطلاع باوجود پوليس ڪابه ڪاروائي نه ڪري سگهي، بدامني سبب شھرين جو مال ۽ جان غير محفوظ بڻجي ويا، کاڻوٺ ۾ 3 ڏينهن اڳ صحافي عرفان ميمڻ جي موبائيل شاپ کي کاٽ نعيم ملاح جي دڪان جي چوري سميت هفتي ۾ 5 وارداتون پيش آيون پر هڪ به چوري واپس نه ٿي سگهي، هتان جي ساڃاهه وندن سخت ڳڻتي جو اظھار ڪندي آءِ جي سنڌ کان امن امان بحال ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.