لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ پارٽي جي ڪاوڙيل ميمبرن کي پرچائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ پارٽي جي چيف آرگنائيزر مريم نواز جي ملاقات ۾ پارٽي جي ڪاوڙيل ميمبرن کي پرچائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
پارٽي قيادت سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جا خدشا ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
شهباز شريف مريم نواز کي شاهد خاقان عباسي سان جلد ملاقات جي هدايت ڪئي آهي.