چاچي افتخار راندين واري وزير جا لاهه ڪڍي ڇڏيا، هڪ اوور ۾ 6 ڇڪا

 

پاڪستان سپر ليگ جي نمائشي ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي جارحاڻي بيٽر افتخار احمد راندين واري وزير وهاب رياض کي هڪ اوور ۾ 6 ڇڪا هڻي ڇڏيا.

آچر ڏينهن ڪوئيٽا جي بگٽي اسٽيڊيم ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ۽ پشاوز زلمي وچ ۾ نمائشي ميچ کيڏي وئي، جنهن ۾ افتخار احمد اهو ڪارنامو انجام ڏنو.

ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز پهريان بيٽنگ ڪندي 184 رنسون ٺاهيون پر اننگز جي خاص ڳالهه افتخار احمد جي بيٽنگ هئي،  جنهن 50 بالن تي ناقابل شڪست 94 رنسون ٺاهيون.

افتخار احمد پنجاب جي نگران راندين واري وزير وهاب رياض کي آخري اوور ۾ 6 ڇڪا هنيا، جنهن کانپوءِ سندس نالي سان ”افتي مينيا“ به ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊز ۾ اچي ويو.

اداڪار ارسلان نصير هڪ ٽوئيٽ ۾ لکيو ته ”افتخار احمد راندين واري وزير کي هڪ اوور ۾ 6 ڇڪا هڻي ڇڏيا آهن، جڏهن ته ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان شوقينن کان پڇيو ته ”افتي مينيا“ بابت ڇا خيال آهي؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.