سڌارٿ ۽ ڪيارا جي شادي جي نئين تاريخ سامهون اچي وئي

 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ادڪار سڌارٿ ملهوترا ۽ اداڪارا ڪيارا آڏواڻي جي شادي جي نئين تاريخ سامهون اچي وئي.

ڀارتي ميڊيا موجب سڌارٿ ۽ ڪيارا جي شادي ڀارتي شهر جيسلمير جي عالي شان حويلي ”سوريا ڳڙهه پيلس“ ۾ ٿيندي.

رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شادي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ بالي ووڊ جوڙي جي خاندان جا ماڻهو جيسلمير پهچي چڪا آهن، شادي تقريبن جي شروعات 5 فيبروري تي کان مينديءَ سان ٿي آهي.

رپورٽن موجب سڌارٿ ۽ ڪيارا جي شادي جي تاريخ 6 فيبروري سامهون آئي هئي پر هاڻ انهن جي شادي جي تاريخ 7 فيبروري رکي وئي آهي.

رپورٽن موجب شادي تقريب ۾ شرڪت لاءِ شاهد ڪپور، سندس گهرواري ميرا راجپوت ۽ ڪرن جوهر سميت ٻيا اداڪار به جيسلمير پهچي ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.