دل جي عارضي ۾ مبتلا ماڻهو بيضا کائي سگهن ٿا؟ ماهرن سڀ مونجهارا ختم ڪري ڇڏيا

 

دل جي مريضن کي بيضا کائڻ گهرجن يا نه؟ ان حوالي سان طبي ماهرن سڀ مونجهاري ختم ڪري ڇڏيا آهن.

عام طور تي اهو خيال ڪيو ويندو آهي ته جيڪي ماڻهو ڪوليسٽرول جو شڪار آهن ۽ دل جي عارضي ۾ مبتلا آهن ته انهن کي بيضن کان پرهيز ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اهي ڪوليسٽرول جو مقدار وڌائين ٿا.

پر تازي تحقيق اهڙا خيال غلط ثابت ڪري ڇڏيا آهن.

هارورڊ ميڊيڪل اسڪول طرفان شايع ٿيندڙ تازي تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن هفتي ۾ توهان 3 کان 4 بيضا کائو ٿا ته اهو عمل صحت لاءِ بهترين آهي.

پرڏيهي رسالي ۾ ڇپيل تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته بيضا کائڻ سان صحت تي ڪو ناڪاري اثر نٿو پئي.

محققن 3 هزار کان وڌيڪ مردن ۽ عورتن تي ٻڌل هڪ گروهه تي 10 سال تحقيق ڪئي، تحقيق دوران هڪ سروي ڪئي، جنهن ۾ کانئن بيضا کائڻ بابت پڇيو ويو.

ان 10 ورهين جي تحقيق کانپوءِ خبر پئي ته 3 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي گروهه مان تقريبن 3 سئو 17 ڄڻا دل جي مرضن ۾ مبتلا ٿيا.

تحقيق موجب جيڪي ماڻهو هفتي ۾ هڪ يا ان کان گهٽ بيضا کائيندا آهن، انهن ۾ دل جي بيماري جي شرح 18 سيڪڙو هئي، جيڪي هفتي ۾ هڪ کان 4 بيضا کائيندا آهن، انهن ۾ شرح 9 سيڪڙو هئي، جڏهن ته هفتي ۾ 4 کان 7 بيضا کائيندڙن ۾ اهڙو خطرو 8 سيڪڙو هو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته دل جي عارضي ۾ مبتلا ماڻهو هفتي ۾ هڪ کان 4 بيضا کائي سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.