ڊپريشن کي اڪثر ماڻهو ذهني مرض سمجهندا آهن ۽ خيال ڪيو ويندو آهي ته ان جون علامتون به دماغي مسلئن تي ٻڌل هونديون آهن، جنهن سان جسم متاثر ناهي ٿيندو.
پر تمام گهٽ ماڻهن کي علم هوندو آهي ته ڊپريشن جو شڪار مريض جسماني علامتن کي به منهن ڏيندو آهي.
ڊپريشن رڳو دماغ تائين محدود ناهي پر ان جي نتيجي ۾ جسم ۾ به تبديليون اينديون آهن.
ڊپريشن جون جسماني علامتون هيٺ ڏجن ٿيون
وڌيڪ شدت سان مٿي ۾ سور
ڊپريشن جي مريضن لاءِ ڪنهن به قسم جي دائمي تڪليف جي شدت وڌيڪ ٿي سگهي ٿي، مثال طور جيڪڏهن انهن کي اڌ مٿي ۾ سور پوندو آهي ته ان جي شدت بدترين هوندي آهي.
چيلهه ۾ سور
ڊپريشن جي شڪار ماڻهن کي چيلهه ۾ سور جي به شڪايت هوندي آهي، جڏهن ته ڏورن ۾ ڇِڪ ۽ سنڌن ۾ تڪليف به ٿي سگهي ٿي.
ننڊ جا مسئلا
ڊپريشن جو شڪار ماڻهن جي ننڊ به متاثر ٿيندي آهي، انهن کي ننڊ ئي ناهي ايندي يا وري تڪڙي اک کلي ويندي اٿن.
سيني ۾ تڪليف
ڊپريشن جي مريضن کي سيني ۾ تڪليف جي شڪايت به سامهون ايندي آهي، اهو به چيو ويندو آهي ته ڊپريشن جي شڪار ماڻهن ۾ دل جي مرضن جو خطرو وڌي ويندو آهي.
هاضمي جي نظام ۾ مسئلا
ڊپريشن جي مريضن کي اڪثر هاضمي ۾ مسئلا ٿيندا آهن، جهڙوڪ الٽي، قبض وغيرا.
مٿي کي چڪر اچڻ
ڊپريشن جي هڪ ٻي جسماني علامت مٿي کي چڪر اچڻ آهي، جڏهن ته سستي ۽ ٿڪاوٽ جهڙيون علامتون به ڊپريشن جو نتيجو ٿي سگهن ٿيون.