اپيڪس ڪاميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد جي ضرورت

جيتوڻيڪ پشاور واقعي کي ڪافي ڏينهن گذري چڪا آهن پر عوام اڃا تائين ان صدمي کان ٻاهر نه نڪري سگهيو آهي. ان واقعي کانپوءِ هر ماڻهو جي ذهن ۾ دهشتگرديءَ جو خوف ويهي ويو آهي. ڪجهه سال اڳ دهشتگردي جي خاتمي کانپوءِ مس مس وڃي ماڻهن سک جو ساهه کنيو هو پر پشاور واقعي کانپوءِ هر ماڻهو جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي. ڪير به پنهنجو پاڻ کي محفوط نه پيو سمجهي. ايتري تائين جو ماڻهن کي تحفظ ڏيندڙ پوليس به پاڻ کي غير محفوظ پئي سمجهي. ڇاڪاڻ ته پوليس اهلڪارن کي دهشتگردن سان وڙهڻ لاءِ نه جديد هٿيار آهن ۽ نه وري ڪي ٻيو سهولتون ۽ وري دهشتگردي جي تازي لهر ۾ نشانو به پوليس اهلڪار بڻجي رهيا آهن، جتي امن امان لاڳو ڪندڙ ادارن جو اهو حال هجي اتي عوام جو ڇا حال هوندو؟

هن وقت دهشتگردي ملڪ جو وڏي ۾ وڏو مسئلو بڻجي وئي آهي. ان جي خاتمي لاءِ گذريل ڏينهن گورنر هائوس پشاور ۾ وزيراعظم ميان شهباز شريف جي صدارت هيٺ اپيڪس ڪاميٽي جو اهم اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ آرمي چيف عاصم منير، عسڪري ادارن جي اعليٰ عملدارن،  وفاقي وزير اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله، مولانا اسد محمود، امين الحق، مفتي عبدالشڪور، مريم اورنگزيب، ڪي پي ڪي جي گورنر حاجي غلام علي، نگران وڏي وزير اعظم خان، پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس ۽ ٻين ذميدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ حساس ادارن جي سربراهن تازي سيڪيورتي صورتحال ۽ دهشتگردي خلاف ڪاررواين بابت بريفنگ ڏني.

اجلاس ۾ آءِ جي پوليس معظم جاهه انصاري پوليس لائينز جي مسجد ۾ آپگهاتي حملي جي هيستائين ٿيل جاچ ۽ اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي چيو ته سي سي ٽي وي وڊيو ذريعي حملي آور جي نشاندهي ٿي وئي آهي.  هو پوليس يونيفارم ۾ آيو هو. اپيڪس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم ميان شهباز شريف چيو ته دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ خيبرپختونخواهه حڪومت کي 2010ع کانپوءِ هن وقت تائين 417 ارب رپيا ڏناويا. اها رقم ڪٿي خرچ ٿي؟ عوام سوال ڪري ٿو ته جيڪڏهن دهشتگرديءَ جو خاتمو ڪيو ويو هو ته پوءِ هي واقعو ڪيئن پيش آيو؟ بهتر ٿئي اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ اڳوڻو وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان شرڪت ڪري ها ۽ وزيراعظم جي سوال جو جواب ڏئي ها. ڇو ته 2010ع کانپوءِ ڪي پي ڪي ۾ لڳاتار حڪومت پي ٽي آءِ جي رهي آهي.

اپيڪس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جو جائزو وٺندي فيصلو ڪيو ويو ته خيبرپختونخواهه ۾ ترت سي ٽي ڊي هيڊ ڪوارٽر تعمير ڪيو ويندو. پنجاب صوبي جي طرز تي صوبي ۾ جديد فارنزڪ ليبارٽري قائم ڪئي ويندي. اسلام آباد ۽ لاهور وانگر سيف سٽي منصوبو شروع ڪيو ويندو. سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي تربيت ۽ صلاحيت ۾ اضافو ڪيو ويندو ۽ کين جديد قسم جا اوزار ڏنا ويندا.

اجلاس ۾ دهشتگردي خلاف جاچ، پراسيڪيوشن ۽ سزا ڏيارڻ جي مرحلن تي غور ۽ صوبن ۾ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي اصولي اتفاق ڪندي عالمن، ديني ۽ مذهبي اڳواڻن کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ممبر ۽ محراب جو فورم استعمال ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي.

اپيڪس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي تائين سک سان نه ويهڻ جو وچن ورجايو ويو آهي. اپيڪس ڪاميٽي جي گذريل اجلاسن کي ڏسجي ته انهن ۾ به دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وچن ورجايو ويو هو ۽ سخت فيصلا ڪيا ويا هئا پر پوءِ انهن تي عمل نه ٿي سگهيو. عملدرآمد نه ٿيڻ ڪري ٻيهر ملڪ ۾ دهشتگرديءَ منهن ڪڍيو آهي. عوام ٻين سوالن سان گڏ اهو به سوال ڪري ٿو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ ڇا ان جو جواب ذميوارن وٽ آهي؟ هر ڀيري عوام جو رت وهائيندڙن کي عبرت جو نشانو بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي پر هر دفعي هو بيگناهه ۽ معصوم ماڻهن جو رت وهائي عبرت ڏئي ويندا آهن.

دهشتگرديءَ جي جنگ هئي ته آمريڪا جي ۽ ان ۾ اسان جي حڪمرانن ٽپو ڏنو، جنهن کي اڄ تائين ملڪ ۽ قوم ڀوڳيندا پيا اچن پر دهشتگردي ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي. ان دهشتگردي ۾ هيل تائين لکين انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن ۽ کربين رپين جو نقصان ٿي چڪو آهي. آخر ملڪ مان دهشتگردي ڇو نه ٿي ختم ٿئي؟ اسين سمجهون ٿا ته جيڪڏهن ملڪ جا واڳ ڌڻي سچا ٿين ته ڇو نه ٿي دهشتگردي ختم ٿي سگهي؟ چاليهن سالن کان ملڪ ان ناسور کي منهن ڏيندو پيو اچي. هاڻي ته ان مان جان ڇٽڻ گهرجي؟

ملڪ مان تيستائين دهشتگردي ختم نه ٿيندي جيستائين ان خلاف سخت قدم نه کيا ويندا.

اسين اميد ٿا ڪريون ته هن ڀيري جيڪي اپيڪس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ فيصلا ڪيا ويا آهن، اهي صرف ڪاغذن تائين محدود نه رهندا بلڪه انهن تي عملدرآمد به ڪيو ويندو ته جيئن ملڪ مان دهشتگردي جو ناسور ختم ٿي سگهي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.