اچو ته ڪا گونجار ڪيون

حميده گهانگهرو

اچو ته ڪا گونجار ڪيون

ماضيءَ جا ويچار ونڊيون

ظلم جبر ۽ ڏاڍ جي، دونهاٽيل جيون کي

کولي اجرو صاف ڪيون

هي رشتا ڪهڙا سنگِ مرمر جا

ڄڻ سينور کاڌل مٽيءَ جا

اڏوهي وانگر ڪوري ڪوري

جيون کي جن ڌار ڪيو

ڏيکاءَ جي پاتال ۾

وحشي نظرن سان نظر آيا

موقعي پرست ۽ مفاد پرست

حوس بُک جي لالچ ۾

چيڀاٽي ۽ چچلائي لتاڙيندا ويا

ڪي ناسور جيان ڪي زخمن تي

لوڻ مرچ جي دونهين ڏيندا ويا

هو ٽهڪ ڏئي مڪروهه چهرن تي

ڪُڏندا ٻهڪندا رهيا

اي وقت جا ويريو!

ڪائنات جي خوبصورتيءَ ۾

رڳو رات جي اونداهي ناهي هوندي

هو ڏس چنڊ ۾

چمڪاٽ ٿئي ٿي

نه سمجهه ته هاڻ انڌيرو آ

سج تو پنهنجو جوڀن لڪايو

۽ چنڊ چمڪاٽ ڏئي ڪر کنيو

سج تون ڀلي جهومندو جهومندو لڙي وڃ

ڏس تنهنجي لالاڻ سُرخ گُلاب جيان

جيئڻ جو ڍنگ سيکاري وئي

چنڊ تارن جي چمڪاٽ ۾

تون ئي سڄو گم ٿي وئين

پر صبح جي اُڀرندڙ ڪرڻي ۾

فاتحِ ٿي سڄي انڌوڪار کي

لِڪڻ ڇپڻ تي مجبور ڪيو

تنهنجي نيش کان ڊپ به ٿئي ٿو

پر زندگي جي جيون ۾ جيئڻ لاءِ

گُل ، ٻوٽا، اناج، ميوا، ڀاڄيون

تنهنجي سيڪ تي پچي

جيئڻ جو حوصلو ڏين ٿيون.

اي ڌرتيءَ جا انسان!

سمجهه جي سمجهڻو اٿئي

هڪ ڳيچ ڳاءِ

امن جو ۽ انصاف جو

بغير ڪنهن ڊپ جي

سڄي پيڙا کي ويڙهي

ظلم،  جبر، بربريت، ناانصافيءَ تي

قلم هٿ ۾ کڻي زبان کول

سوچ ۾ سمايل سڀني اذيتن کي

کولي سچ جي گونجار بڻج

ڪوڙ، ڏاڍ، ڏيکاءَ جي محفل مان نڪري اچ

اڪيلائيءِ ۾ به سُقراط جي جام جو ساٿ ڏيو

جن توکي نهوڙيو آ

انهن جي پرواهه نه ڪر

جن تنهنجي قافلي ۾

وڇايل ڪنڊا ميڙي

قدم وڌائڻ جو ساٿ ڏنو

اُن ساٿ جي سڳي کي ٽوڙڻ بنا

بند زبان ۽ ٻوٽيل اکين کولي ڏس

تعداد ڀلي گهٽ هجي

ڪيڏي نه روح کي

راحت ڏيندڙ جيون ۾

ٻرندڙ ڏيئي جي جهومڻ سان

اُها لاٽ اوندهه کي شرمائيندي

ڏس اُها لاٽ ڏس!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.