اڄ ڪلهھ ملڪي حالتن توڙي معيشت تي نظر ڪجي ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي ھر پاسي تباھي بربادي کان سواءِ ڪجھه ناھي بچيو ائين چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته اڄ ڪلهھ ملڪي حالتون تاريخ جي بدترين منزل تي تيز رفتاريءَ سان سفر ڪري رھيون آھن حڪمرانن جي غلط فيصلن سندن عياشين سبب ملڪ اندر ڏينھون ڏينهن وڌندڙ مھانگائي معاشي بحران بيروزگاري بدحالي بدامني جي ڪري مڊل ڪلاس ماڻهو خاص ڪري ڏھاڙي تي مزدوري ڪندڙ غريب مسڪين ماڻهو سخت پريشانين تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن. خاص ڪري معاشري اندر بيروزگاري سبب بُک بدحالي بدامني سبب غريب مسڪين ماڻهو اذيتن ڀري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن اھڙي ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿيڻ کان پوءِ معاشري اندر خودڪشين جي واقعن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي غريب مسڪين ماڻهو بُک بدحالي جي ڪري موت جي منهن ۾ وڃي رھيا آھن.
مطلب ته موجوده حالتن ۾ يا ويجهي مستقبل ۾ غريبن مسڪينن کي بندوق جي گولي نه پر بُک بدحالي ماري رهي آهي معاشري اندر غريبن مسڪينن جي استعمال ھيٺ ايندڙ ھر شيءِ مھانگي ۽ ناياب ٿي رهي آهي جنهن جي ڪري غريب مسڪين ماڻهو بُک ۾ مري رھيا آھن وقت جي حڪمرانن جي غلط فيصلن عياشين جي ڪري غريب مسڪين ماڻهو سخت متاثر ٿي رهيو آهي جنهن سبب سندن جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي جيئن گذريل ڏينهن ھڪ دفعو وري پيٽرول ڊيزل جي اگهن ۾ رڪارڊ اضافي سبب وري ملڪ اندر مھانگائي جو طوفان برپا ٿيڻ وڃي رهيو آهي جنهن کان پوءِ ايندڙ مھيني ۾ ھڪ دفعو وري مھانگائي جو ٻيو وڏو طوفان به اچي سگھي ٿو جنھن کي روڪڻ لاءِ وقت جي حڪمرانن پاران ڪنھن به سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪيو پيو وڃي.
پيٽرول ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ سبب روز مره جي شين جا اگهھ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن ھڪ غريب مسڪين ماڻهو جيڪو 500 ڏھاڙي ڪمائيندڙ آهي ان جو گھر ھلائڻ سخت مشڪل بڻجي رهيو آهي ته مھانگي اگهھ تي اٽو وٺي يا وري ڀاڄي کير وٺي ھڪ وقت جي روزي روٽي کائي سگھي. موجوده حالتن ۾ غريبن مسڪينن جي لاءِ ھڪ وقت جي ماني کائڻ وڏي مشڪل بڻجي وئي آهي. پر افسوس ته ڪنھن به حڪمران يا سياستدان جي ڪن تي جون ئي نٿي چُري ته ايتري مھانگائي ڇو ٿي رهي آهي بس حڪومت سان گڏ مخالف پارٽيون صرف سکڻن بيانن مذمت تائين محدود آهن عملي طرح غريبن مسڪينن جي لاءِ ڪير به حق سچ جو آواز بلند ڪرڻ لاءِ تيار ناهي بس ھر ڪوئي پنھنجي پنھنجي واري ۾ ڀڀ ڀرڻ لاءِ انتظار ۾ ويٺل آهي سياستدانن سميت وقت جي حڪمرانن کي غريب مسڪين ماڻهن جو ڪو فڪر احساس ناهي.
روز مره جي شين ۾ وڌندڙ مھانگائي کي ڏسي ائين ٿو محسوس ٿئي ته حڪمرانن طرفان مھانگائي صرف غريبن مسڪينن جي لاءِ ڪئي ويندي آهي مثال طور غريب مسڪين ماڻهو جيڪا شيءِ خريد ڪندو رهندو آهي وڌيڪ ٽيڪس ان تي لڳندو مھانگي به شيءِ اُھا ٿيندي. مطلب ته غريب مسڪين جي ڪم ايندڙ ھر شيءِ کي مھانگو ڪري وزيرن مشيرن اميرن جي ڪم ايندڙ شين کي سستو ڪيو ويندو آهي خاص ڪري غريب مسڪين ماڻهو پنهنجي محنت مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندو آهي پر وزير مشير عوام جي ٽيڪسن مان پيٽ پالڻ ۾ پورا آهن کين بجلي گيس پيٽرول ڊيزل سفري سھولتون علاج مفت ۾ ملڻ ڪري کين مھانگائي جي ڪا خبر ناهي کين ڪو احساس فڪر ئي ناهي ته ڪو ملڪ اندر رڪارڊ مھانگائي ٿي رهي آهي ڇو ته سندن خرچ سرڪاري خزاني مان ھلي رھيو آھي باقي حقيقي مھانگائي جو احساس صرف ۽ صرف غريبن مسڪينن کي آهي جيڪي محنت مزدوري ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻ ۾ پورا آهن. غريبن مسڪينن جي معاشي حالتن سندن ڏک سور درد کي ڏسي ائين ٿو لڳي ته ھي غريب مسڪين ماروئڙا ڌاڙيلن دھشتگردن جي بندوق جي گولي سان نه پر وقت جي حڪمرانن طرفان ملندڙ بُک سان مري رهيا آهن ۽ اڳتي به بُک سان مرندا رهندا اِن ڪري وقت جي حڪمرانن کي غريب عوام جي لاءِ ڪجھه سوچڻ گھرجي.