برک قانوندان غلام حيدر خان بلوچ بحيثيت ھڪ تاريخي ڪردار

ايڊووڪيٽ اياز علي کھاوڙ

لاڙڪاڻي ضلعي جو انتھائي سينيئر سياسي ۽ سماجي ڪارڪن برک قانوندان مرحوم چاچا غلام حيدر خان بلوچ جو جنم لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي وارھ جي ھڪ ڳوٺ سروير لاشاري ۾ ٿيو ۽ پنھنجي ابتدائي تعليم وارھ اسڪول مان ئي ورتائين، ان ئي اسڪول ۾ سندس جي صِف ۾ وڌيڪ ٻه  ڪردار بابا غلام فريد کھاوڙ ۽ فقير علي مراد کھاوڙ به  شامل ٿيا، جنھن کانپوءِ  ميٽرڪ ۽ انٽر ۽ ايل ايل بي به  گڏ ساڳين ئي تعليمي ادارن مان  ڪيائون.چاچا بلوچ غلام حيدر خان بلوچ کي تاريخ ساز ۽ ذھين شخص چوڻ ڪو وڌاءُ نه  ٿيندو. ھُو لاڙڪاڻي ضلعي جو صِف اول جو قانوندان ھيو،

ھي ان دور جي ڳالھه  آھي جڏھن ڪي چند وڪيل ئي ھُئا ان وقت سياست، سماجي ڪمن ۽ وڪالت کي گڏ کڻي ھلڻ تمام وڏو مسئلو ھيو ۽ ڪافي مشڪلاتون پڻ لاحق ھُيون تنھن باوجود به  چاچا بلوچ صاحب ڪَٺن راھون لتاڙيندي پاڻ کي وڪالت ۾ صِف اول جو  قانوندان ثابت ڪري ويو اھو ئي نه  پر سندس جي سماجيات ۾ به  نھايت سنجيدگي ھئي ۽ پنھنجي وِت وس آھر نتيجا ڏيندڙ بھترين ڪوششون ڪيائين، سندس جي ڪردار کان  واقف ذھنن تي اڄ به  چاچا بلوچ صاحب ضرور ڇانيل ھوندو.

ڪنھن جي دل ۽ دماغ ۾ جاءِ ٺاھڻ ڪنھن جي وس جي ڳالھه  ناھي ھوندي، اُھا قُدرت طرفان مليل ڏات ھوندي آھي جيڪا ڪنھن ڪنھن منجهھ ٿِيئي،بيشڪ چاچا غلام حيدر بلوچ صاحب دل ۽ دماغ تي ڇانئجي ويندڙ شخصيت ھيو،هِن ڳالھه  ۾ ڪو به شَڪ ناهي ته ”خوشبو جو ذريعو گُلاب جا گُل هوندا آهن” پر ڪي ڪي ماڻهو هن ڌرتي ماءُ تي سُرهاڻ جا گل بڻجي جيئندا آهن ، چاچا غلام حيدر خان بلوچ به  انھن منجھان ھيو.

جيئن مٿي بيان ڪيم ته  تنھن جي وڪالت ڪَٺن ھئي جنھن سببان وڪالت جي پيشي سان تمام گھٽ مقدار لاڳاپيل ھيو. تنھنڪري پنھنجي دور جي برک قانوندان چاچا غلام حيدر بلوچ صاحب جي وفات کان پوءِ  لاڙڪاڻي ضلعي ۾ وڪالت جو وڏو خال پيدا ٿي پيو هو جيڪو اڄ تائين ڪير به ڀري نه سگهيو آھي!پر اڄ مان اڄ پنھنجي ھينئر تائين جي حاصل تجربي آڌار پَڪ سان چئي سگهان ٿو ته چاچا غلام حيدر بلوچ صاحب جو خال ڀرڻ لاءِ  سندس جو تخت نشين وڏور پٽ، ايڊوڪيٽ شبير بلوچ جيڪو سپريم ڪورٽ جو وسيع تجربو رکندڙ وڪيل ۽ برک قانوندان آھي جيڪو بحيثيت ڊپٽي اٽارني جنرل پاڪستان جي اھم عھدي تي رھي چُڪو آھي گڏوگڏ پنھنجي والد جيان فلاحي سرگرمين ۾ پڻ دلچسپي رکي ٿو، منهنجو وڏو ڀاءُ دوست استاد عظيم انسان محترم ادا غلام شبير خان بلوچ لاڙڪاڻي جي وڪيل دوستن جي اصرار تي هاڻي ڪراچي کي ڇڏي پنهنجي پياري بابا غلام حيدر بلوچ صاحب جي مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ  لاڙڪاڻي ۾ موٽي آيو آھي، جڏهن مان لاڙڪاڻي هاءِ ڪورٽ ۾ محترم ادا غلام شبير خان بلوچ کان سوال ڪيو ته پيارا ادا بلوچ صاحب هاڻي توهان سپريم ڪورٽ جا واڏ وڪيل آھيو ۽ ماڻھو جڏهن سپريم ڪورٽ جا وڪيل ٿيندا آھن ته اهي ڪراچي کان اسلام آباد کي ترجيع ڏيندا آھن ۽ شفٽ ٿي ويندا آھن ۽ اوهان ان جي ابتر وري پنهنجي اباڻي شھر لاڙڪاڻي ۾ شفٽ ٿي ويا آھيو! جنهن تي محترم ادا غلام شبير بلوچ مرڪندي جواب ڏنو ته ادا مان دولت نه پر عزت ڪمائڻ چاهيان ٿو ۽ تاريخ ۾ پنهنجي عظيم بابا وانگر نالو لکائڻ چاھيان ٿو ۽ منهنجي عظيم بابا وڪيل غلام حيدر خان بلوچ جو خواب هو ته مان سپريم ڪورٽ جو وڪيل ٿي لاڙڪاڻي ۾ موٽي اچان ۽ لاڙڪاڻي ۽ سنڌ جي غريب بي پهچ مظلوم عوام جي خدمت ڪيان جنهن لاءِ  مان لاڙڪاڻي موٽي آيو آھيان ۽ منهنجا دروازا هميشه لاءِ  هر مسڪين مظلوم غريب عوام لاءِ  کليل آھن؟مان آخر ۾ پنهنجي پياري ڀاءُ دوست استاد ۽ پيار ڪندڙ  برک قانوندان عظيم انسان محترم ادا غلام شبير خان بلوچ لاءِ  دعاگو آھيان ته چاچا بلوچ صاحب وانگر هر مسڪين بي پهچ غريب مظلومن جي فلاحي توڙي قانوني مدد ڪندا رهو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.