اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته عمران خان جو غير ذميواري وارو ٽوئٽ صرف ملڪي سلامتي جي صورتحال ۽ سياسي ماحول کي خراب ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي ٽوئٽ ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته 2022 ۾ دنيا جي وڏين معيشتن مان 47 نمبر تي ايندڙ پاڪستاني معيشت جي تباهي عمران جي بيڊ گورننس ، نا اهلي ۽ بي مثال قرضن جو ثبوت آهي، هن چيو ته ذخيره اندوزي ، بد انتظامي ۽ ڪرپشن جي حڪمراني پاڪستاني عوام کي شديد ڏکيائين جو شڪار ڪيو آهي، اسحاق ڊار چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ عمران خان جو مقابلو آسان آهي، هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف عمران خان کي سياسي پارٽي جي سربراه طور ملڪ جي سڪيورٽي ۽ نيشنل ايڪشن پلان جي حوالي سان قومي مڪالي جي دعوت ڏني آهي جنهن سان هر پاڪستاني متاثر ٿيو آهي.