ڪشميرين جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهيون: سياسي قيادت

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت جيڪڏهن سمجهي ٿو ته هو ڪشميري عوام جي مضبوط ارادي کي چيڀاٽي سگهي ٿو ته هو غلطي تي آهي، ڀارتي قابض فوج طرفان جاري رياستي دهشتگردي ڪشميرين جي عزم کي نه ٽوڙي سگهي ٿي ۽ نه ئي ان جي جائز جدوجهد کي ڪمزور ڪري سگهي ٿي، ڀارت ڪرفيو، بليڪ آئوٽ، پنهنجي ڳالهه مڃائڻ، نظربندي، قيد ۽ بنيادي حقن کان انڪار جي ذريعي ڪشميري مردن، عورتن ۽ ٻارن کي سختي سان نشانو بڻايو، اسان انهن جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت ان وقت تائين جاري رکنداسين جيستائين هو ڀارتي ڏاڍ کان آزادي حاصل نٿا ڪري وٺن، هوڏانهن  پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڄ يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پاڪستاني عوام پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿو جنهن گذريل 75 سالن کان وڌيڪ عرصي کان وحشياڻي ڀارتي ڏاڍ ۽ ظمن کي منهن ڏنو آهي. هن چيو ته ڪشميري مسلسل خوف جي حالت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته ڀارتي فورسز طرفان گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين ۾ طاقت جو انڌاڌنڌ استعمال ۽ عدالتن کان مٿانهين قتل جو سلسلو جاري آهي، ڄمون ڪشمير جو تڪرار پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم جزو رهندو. سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالي جو بدترين مثال قائم ڪيو آهي. صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي، ته پاڪستان ڪشميرين جي جائز مقصد لاءِ پنهنجي بنا فرق اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.