حب ( رپورٽ:يار محمد بروهي ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد خلاف حب جي صدر ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي .شيخ رشيد خلاف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاءِ گٿن لفظن جو استعمال تي پيپلز پارٽي جي ڪارڪن طرفان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.درخواست گذار جو چوڻ آهي ته شيخ رشيد مُلڪ ۾ امن امان خراب ڪرڻ ۽ رتوڇاڻ ڪرائڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، سندس گٿن لفظن سان پ پ ۽ عوام ۾ ڪاوڙ جي لهر آهي.پوليس موجب شيخ رشيد خلاف 506-504-500-186 ۽ 153 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته شيخ رشيد خلاف ڪراچي ۽ مري ٿاڻن ۾ پڻ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.