لياقت آباد فرنيچر مارڪيٽ مان حددخليون هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي ڪمپليڪس سر شاهه سلمان روڊ تان حد دخلين هٽائڻ لاءِ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت سر شاهه سلمان روڊ فرنيچر مارڪيٽ ۾ فوري حدخليون ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ان موقعي تي عدالت اسسٽنٽ ڪمشنر لياقت آباد، اينٽي انڪروچمنٽ سميت ٻين کي روڊ ڪليئر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت ڪي اليڪٽرڪ کي حد دخلين وارن جا ڪنيڪشن ختم ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو.درخواست گذار پنهنجي موقف ۾ چيو ته حدخليون ختم ٿيڻ سان سروس روڊ مڪمل طور تي صاف ٿي ويندو، چو ته هن روڊ تي مڪمل قبضو آهي، ڪنڊا مافيا جي ڪري بجلي جا اضافي بل اچي رهيا آهن، سروس روڊ تان گاڏي هلائڻ عوام لاءِ مشڪل آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.