اسلام آباد(بيورو+م ڊ) اسلام آباد جي مقامي عدالت اڳوڻي صدر آصف علي زرداري مٿان قتل سازش جي الزام واري ڪيس ۾ گرفتار شيخ رشيد جي جسماني رمانڊ جي استدعا رد ڪندي کيس جڊيشل رمانڊ تي جيل اُماڻي ڇڏيو آهي.آصف زرداري تي قتل جي سازش جي الزام واري ڪيس ۾ گرفتار شيخ رشيد کي ٻن ڏينهن جو جسماني رمانڊ ختم ٿيڻ تي جڊيشل مئجسٽريٽ عمر بشير جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر شيخ رشيد جي وڌيڪ پنج ڏينهن جسماني رمانڊ جي گذارش ڪندي چيو ته شيخ رشيد جي وائس مئچنگ ٽيسٽ ڪرائي آهي جڏهن ته فوٽو گراميٽرڪ ٽيسٽ ڪرائڻي آهي.عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد عدالت ۾ بيان ڏنو ته جنهن طرح پوليس رکيو آهي ان کان بهتر آهي ته مون کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏيو.هن چيو ته جيڪڏهن مون کي ڪجهه به ٿيو ته پنج ماڻهو ان جا ذميوار هوندا، جن ۾ آصف زرداري، بلاول ڀٽو، محسن نقوي، شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله شامل آهن.سندس چوڻ هو ته مونکي ڪرسي سان ٻڌو ويو آهي، مونکي اسپتال موڪليو وڃي، پيرن ۽ هٿن مان رت وهي رهي آهي، پيٽيون ڪرايون وڃن جڏهن ته رينجرز جي سيڪيورٽي ڏني وڃي.عدالتي حڪم تي شيخ رشيد جون هٿڪڙيون کوليون ويون، عدالت چيو ته اوهان پنهنجا زخم ڏيکاريو، جنهن تي شيخ رشيد زخم جج کي ڏيکاريا.اڳوڻي گهرو وزير چيو ته عمران خان جيڪو چيو اُهو صحيح چيو هو، پوليس ڪالهه ٽي ڀيرا رڪارڊنگ ڪئي آهي، منهنجا ٻئي موبائل پوليس وٽ آهن، پوليس سوال ڪيوته هڪ ڏينهن ۾ اٺ ملين فالوورز ڪيئن ٿيا؟شيخ رشيد چيو ته مون کان سياسي پڇاڳاڇا ڪئي ويندي آهي، ڪيس جي حوالي سان سوال جواب ناهن ڪيا ويندا، مون کان پڇيو وڃي ٿو ته عمران خان جي سياسي مهم هلائيندي؟ مون چيو ها هلائيندس، پوليس ۾ اي ايس آءِ تائين سڀ عمران خان سان گڏ آهن.عدالت شيخ رشيد جي انٽرويو جو ٽرانسڪرپٽ شيخ رشيد جي وڪيل کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو. شيخ رشيد جي وڪيل سردار عبدالرزاق چيو ته سندس اصيل جي انساني حقن جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي، شيخ رشيد کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ لاءِ وڌيڪ جسماني رمانڊ گهريو پيو وڃي.عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ شيخ رشيد جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي استدعا رد ڪندي کيس جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو .