طالبان سان ڳالهيون ڪري کين ٻيهر آباد ڪندڙ ڪردار وائکا ٿيڻ بنا امن ممڪن آهي ؟

لاهور (سيد عمران شفقت ) آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ طالبان سان ڳالهيون ڪندڙ ۽ کين ٻيهر آباد ڪندڙ ڪردارن جو تعين ڪري وائکا ڪيا ويندا ؟ نامياري صحافي موجب طالبان سان ڳالهيون ڪندڙن کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي ته انهن ڪنهن جي چوڻ تي طالبان سان ڳالهيون ڪيون هيون، ڇا پارليامينٽ کين اهو اختيار ڏنو هو. ڇا ان وقت جي وزيراعظم  لکت ۾ ڪا اهڙي هدايت ڪئي هئي. ڇو ته انهن ڪردارن جو تعين ڪري انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه آندو ويندو ته دهشتگرديءَ آڏو مضبوط  بند ٻڌجي  نه سگهندو. جڏهن پيرائتي جاچ ٿيندي ته انتهائي وڏا ماڻهو پڪڙ ۾ ايندا پر ان کانسواءِ  هاڻي ٻيو رستو نه بچيو آهي. جڏهن ٻه چار وڏا ماڻهون قانون جي گرفت ۾ ايندا ته هيٺين سطح تائين ان جا اثر پوندا. تڏهن وڃي ان دهشتگردي جي ناسور مان ملڪ آجو ٿي سگهندو. صرف بيانن ۽ هيٺين سطح جي ٻن چئن گرفتارين يا مذمت سان اهو ناسور ختم نه ٿيندو پر اهو ممڪن آهي ته اڃان به خطرناڪ شڪل اختيار ڪري وڃي. نامياري صحافي موجب وقت جي گهرج آهي ته ٻن چئن اهم ڪردارن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي قرباني ڏني وڃي ۽ هزارين شهرين ۽ جوانن جي امڪاني شهادتن آڏو بند ٻڌو وڃي، ڇو ته مذمتي ٺهرائن  ۽ ڀڙڪيلن  بيانن سان نه دهشتگرد ڀڄي ويندا ۽  نه ئي مستقل امن قائم ٿي سگهندو. پيرا کڄندا ته ٿي سگهي ٿو ته اداري جا ضرور  ڪجهه رٽائرڊ به پڪڙ ۾ ايندا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.