پشاور(م ڊ) پشاور ۾ سيڪيورٽي خدشن جي نظر ۾ رکندي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر آفيس پشاور جي ميڊيا سيل موجب پشاور ضلعي ۾ سيڪيورٽي خدشن سبب قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، ڊپٽي ڪمشنر شفيع الله خان چيو آهي ته سيڪيورٽي خدشن سبب 5 يا وڌيڪ ماڻهن جو هڪ جاءِ تي گڏ ٿيڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. جيڪا اڄ ڇنڇر ڏينهن کان 10 ڏينهن لاءِ لاڳو رهندي. ڊپٽي ڪمشنر پشاور موجب خلاف ورزي ڪندڙن خلاف قلم 188 تحت ڪارروائي ڪئي ويندي
عمران ”ٻڏي مرو تحريڪ“ شروع ڪري: مريم اورنگزيب
اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان جيل ڀريو تحريڪ جي اعلان تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو آهي ته جيل ڀريو تحريڪ ۾ قيادت سڀ کان پهريان گرفتاري ڏيندي آهي، عمران خان ۾ جيل ڀريو تحريڪ جي سگهه آهي ۽ نه صلاحيت تنهنڪري هو ٻڏي مرو تحريڪ شروع ڪري.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن پي ٽي آءِ چيئرمين کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جيل ڀريو تحريڪ لاءِ سنجيدا آهيو ته زمان پارڪ مان عورتن ۽ ٻارن کي هٽايو، اوهان کي جيل ڀريو تحريڪ جي ضرورت ناهي، ڪيسن جو جواب ڏيو جيلون پاڻ ڀرجي وينديون.مريم اورنگزيب چيو ته ٻه ڏينهن جيل ۾ رهي جن جي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا آهن اُهي جيل ڀريو تحريڪ هلائيندا جڏهن ته نواز شريف 374 ۽ مريم نواز 157 ڏينهن، آصف زرداري 248 ڏينهن جيل ۾ گذارڻا پيا ۽ فريال ٽالپر عيد جي ڏينهن گرفتار ڪيو ويو.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هڪ همراهه ٻيهر اُها ئي تقرير ورجائي رهيو آهي جيڪا ويهن سالن کان ڪندو رهيو آهي، عمران خان پنهنجي دور ۾ پنجويهه ارب رُپين جا قرض ورتا، کيس مُلڪي معيشت جي تباهي، مهانگائي ۽ دهشتگردي جو جواب ڏيڻو پوندو.