دادو (عوامي آواز نيوز) دادو ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جو جج نديم بدر قاضي تبديل ٿيڻ سبب ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 25 فيبروري تائين ملتوي ٿي وئي جڏهن ته ڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي به 18 فئبروري تائين ملتوي ٿي وئي. ام رباب، پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو، برهان چانڊيو ۽ ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا. ان موقعي تي ام رباب چانڊيو خونريزي جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو.ميديا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار ايم پي اي ڀائرن ميهڙ ۾ جلسو منعقد ڪري اسان جي شاهدن کي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ام رباب چيو ته سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو شاهدن تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ ميهڙ اچي پنهنجو اثر رسوخ هلائي رهيا آهن.ام رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته ايس ايس پي دادو کي لکت ۾ درخواست ڏني آهي ته ايم پي ايز ڀائرن کي روڪيو وڃي، منهنجي ۽ منهنجي گهر ڀاتين جي حياتي خطري ۾ آهي، سردار ڀائر ڪو اڻ وڻندڙ واقعو ڪرائڻ چاهين ٿا.هن چيو ته سردار ماڻهن کي استعمال ڪندا آهن، هو ماڻهن کي استعمال ڪري رستو صاف ڪندا آهن، مون کي ۽ منهنجي خاندان کي خطرو آهي، جيڪي هنن کي گهرائن ٿا، اهي پنهنجون حرڪتون بند ڪن، ڪو به وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو،ان ڪري ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو سميت ٻين ادارن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.ٻئي طرف سردار چانديو جو چوڻ هو ته ميهڙ ۾ اسان جون زمينون ۽ ملڪيتون آهن، اتي اچڻ وڃڻ اسان جو حق آهي، سياسي ماڻهو آهيون، ميهڙ ۾ سياست ڪرڻ جو به حق آهي، علائقي ۾ رتوڇاڻ جو ڪو به خطرو ناهي، ام رباب کي ڀلي وڌيڪ سڪيورٽي وڌائي ڏني وڃي، اسان کي ان تي ڪو به اعتراض ناهي.