آغا سراج وقتي گورنر، اثاثا ڪيس ۾حاضريءَ کان ڇوٽ

ڪراچي (رپورٽر) احتساب عدالت ۾آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي دوران سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني وقتي گورنر هئڻ سبب عدالت ۾ پيش نه ٿيو.عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 17 فئبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.ياد رهي ته آغا سراج دراني سميت ٻين جوابدارن تي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ خلاف احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل آهي، سپريم ڪورٽ ۽ احتساب عدالت کان ضمانت رد ٿيڻ بعد سراج دراني سب جيل قرار ڏنل پنهنجي گهر ۾پوليس جي تحويل  هيٺ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.