اختيار اورانگهڻ تي سنڌ حڪومت کان جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس آف پيس کي سيڪشن 22 اي جي اختيارن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران درخواست گذار مريد علي شاهه جا دليل مڪمل ٿي ويا.عدالت سنڌ حڪومت کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ ٻن هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي.درخواست گذار  جي وڪيل چيو ته سيڪشن 22 اي تحت ڊپٽي ڪمشنر ۽ مختيارڪار سميت ٻين انتظامي آفيسرن کي اختيار ڏيڻ غير آئيني آهي، سپريم ڪورٽ قرار ڏئي چڪي آهي ته 22 اي تحت ڪيس داخل ڪرڻ ۽ جاچ جو حڪم عدالتي اختيار آهي، آئين تحت عدليه کي انتظاميا کان الگ ڪيو ويو آهي، هن اختيارن کي سنڌ حڪومت سياسي مخالفن لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، انهن اختيارن کي استعمال ڪرڻ سان معاشري ۾ ظلم ۾ اضافو ٿيندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.