رانوتي ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ مڙس هٿان زال قتل

اوٻاوڙو/ رانوتي (رپورٽ:عبدالحئي ڇڄڻ + منير شر) رانوتي ٿاڻي جي حد ڪچي جي ڳوٺ الله وڌايو تڙت ۾  عبداللطيف تڙت پنهنجي زال رخسانه کي ڪارنهن تهمت هيٺ ڪلاشنڪوف جو برسٽ هڻي قتل ڪري ڇڏيو. زال کي قتل ڪرڻ کان پوءِ جوابدار پنهنجي گهر جي سڀني ڀاتين سميت گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو. پوليس واقعي واري هنڌ تان عورت جو لاش کڻائي اوٻاوڙو تعلقي اسپتال پھچايو، جتي ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڏهرڪي تعلقي اسپتال نيو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. رانوتي پوليس موجب پوليس جي پھچڻ کان اڳ  جوابدار گھر جو سڄو سامان کڻي فرار ٿي ويو، واقعي جي  وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، واقعي جو ڪارڻ ڪارنھن تڪرار ٻڌايو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.