اسلام آباد ايف 9 پارڪ ۾ ناريءَ سان اجتماعي لڄالٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي ايف 9 پارڪ ۾ ميان چنو جي رهواسڻ کي مبينا اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو.رپورٽ مطابق وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي ايف نائن پارڪ ۾هٿياربندن ناريءَ سان زيادتي ڪئي.ناري هڪ دوست سان گڏ پارڪ ۾ هوا خوري لاءِ آئي هئي ته هٿياربندن هن کي پسار دوران روڪيو، کيس ڌار ڪري وٺي ويا، مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، رڙيون ڪرڻ تي کيس چماٽون هنيون، وڻن جي جهڳٽي ۾ گهلي ڪپڙا ڦاڙي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو.پوليس کي ڏنل بيان ۾ ناريءَ چيو ته ٻن جوابدارن ساڻس زيادتي ڪئي، زيادتي بعد سندس ڪپڙا پري اڇلايا ته جيئن هوءَ ڀڄي نه وڃي.زيادتي بعد جوابدارن ناريءَ کي شام جي وقت پارڪ ۾ نه اچڻ جو چيو.ڊاڪٽرن موجب ناريءَ جي جسم تي تشدد جا نشان آهن. مارگلا پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو، جڏهن ته سي سي ٽي وي وڊيو ذريعي جوابدارن جي ڳولا جاري آهي، معاملي ۾ پارڪ عملي کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ هو ته ايف 9 پارڪ ۾ ٻڻ جوابدارن گن پوائنٽ تي ناريءَ سان زيادتي ڪئي.پوليس موجب ناريءَ جو پمز اسپتال ۾ ميڊيڪل ڪرايو ويو ۽ نمونا فرانزڪ ليبارٽري اماڻيا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.