ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺجي يا نه ، پي ڊي ايم ۾ مشورا

لاهور (معظم فخر) قومي اسيمبلي جي خالي تڪن تي ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺڻ  يا بائيڪاٽ جي حتمي فيصلي لاءِ پي ڊي ايم قيادت سرگرم ٿي وئي آهي. ڇو ته اڳ  جڏهن عمران خان سمورن تڪن تان چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو هو ته مولانا فضل الرحمان چونڊ ۾ حصو نه  وٺڻ  جو اعلان ڪيو هو. ان وقت به آصف علي زرداري جو  موقف هو ته ميدان خالي نه ڇڏڻ گهرجي هاڻي وري جڏهن عمران خان ننڍي چونڊ ۾ حصو نه وٺڻ  جو اعلان ڪيو آهي. تڏهن به آصف علي زرداري جو موقف آهي ته پي ٽي آءِ اميدوارن جو مقابلو ڪرڻ گهرجي. پ پ ۽ اي اين پي ته پي ڊي ايم جو حصو نه آهن، ان ڪري هو پنهنجو فيصلو ڪرڻ لاءِ آزاد آهن. نامياري صحافي موجب ان کانپوءِ مولانا فضل الرحمان لاهور  پهچي ويو آهي جتي هن وزيراعطم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي  آهي ۽ آصف زرداريءَ سان به ان حوالي سان ڳالهيون  ڪيون آهن. ذريعن  جو چوڻ آهي ته آصف زرداري صوبائي  اسيمبلين جون چونڊون به وقت تي ڪرائڻ  جي حق ۾ آهي. آصف زرداريءَ جو دليل آهي ته عمران خان کان ڊڄڻ  جي ڪابه ضرورت نه آهي ڇو ته هو سهارن ذريعي چونڊون وڙهڻ  جو عادي آهي ۽ هاڻي عمران کي اهي سهارا حاصل نه آهن. جيڪي کيس ڪاميابي ڏياري سگهن. جڏهن ته اسان هميشه بنا سهارن جي چونڊون وڙهيون آهن ۽ هاڻي به مقابلو ڪنداسين. فيصلو  اهو ڪرڻو آهي ته پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان گڏجي چونڊون وڙهيون وڃن يا هر پارٽي الڳ الڳ چونڊ وڙهي. ان سلسلي  ۾ صلاح مشورا ٿي رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.