وهاڙي ۾ هلندڙ گاڏي اندر بس هوسٽس سان زيادتي

وهاڙي (م ڊ) وهاڙي ۾ مسافر بس جي هوسٽس سان زيادتي ڪئي وئي.پوليس موجب بس جي گارڊ هٿيار جي زور  تي 18 سالن جي بس هوسٽس کي زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ فرار ٿي ويو، جنهن کي بعد ۾ پوليس گرفتار ڪري ورتو.پوليس جو چوڻ هو ته واقعو ميلسي کان وهاڙي ايندي هلندڙ بس ۾ پيش آيو، بس جا سمورا مسافر ميلسي ۾ لهي ويا ۽ بس وهاڙي بس اسٽينڊ تي اچي رهي هئي ته گارڊ بس کي لاڪ ڪري ڇڏيو ۽ بس جي هوسٽس سان زيادتي ڪئي.پوليس جو چوڻ آهي ته زيادتي جو شڪار ٿيل بس هوسٽس کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس موجب دانيوال ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري جوابدار شيراز ۽ بس ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو.پوليس چيو ته ڊرائيور گارڊ جي مدد ڪئي، بس جا دروازا بند ڪيا ۽ گاڏي نه روڪي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.